اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته سعودي عرب جي جيلن ۾ 3400 پاڪستاني قيدي آهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران پرڏيهي وزير پاران ٻڌايو ويو ته سعودي عرب جي جيلن ۾ 3400 پاڪستاني قيدي آهن سعودي عرب ۾ اسان جو سفارتخانو 2107 پاڪستانين قيدين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ مصروف آهي پرڏيهي وزير مطابق ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان جي دوري دوران آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سعودي عملدارن کي قيدين جي لسٽ فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي قيدين جي گهربل ڄاڻ جو انتظار آهي.