قلندر لال شهباز جي عرس جون تقريبون شروع، افتتاح گورنر ڪيو؛عمران خان هينئر مضبوط پوزيشن ۾ آهي؛عمران اسماعيل

ڄامشورو: (ڊ ر) گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آهي ته لال شهباز قلندر جي نگري ۾ اچڻ خوش نصيبي آهي ۽ سنڌ لال شهباز قلندر جهڙن صوفي بزرگن جي دعا سان آباد آهي. هن چيو ته سندس اها پراڻي خواهش هئي ته هو لال شهباز قلندر جي مزار تي حاضري ڀري ۽ اڄ الله تعاليٰ اهو موقعو فراهم ڪيو آهي. اهڙو اظهار اڄ حضرت لال شهباز قلندر رحمت الله عليه جي 767 هين عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن واري تقريبن جو افتتاح مزار تي چادر چارهي ۽ فاتحه خاني ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته عرس مبارڪ ۾ دير سان پهچڻ جو ڪارڻ ٽريفڪ هو ڇاڪاڻ ته مون وٽ ڪو جيٽ جهاز يا هيلي ڪاپٽر نه آهي.هن چيو ته لال شهباز قلندر جي عرس مبارڪ تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پانڌيئڙن جي آمد جو سلسلو جاري آهي ۽ هڪ اندازي مطابق 25 کان 30 لک عقيدتمند هن ميلي ۾ شرڪت ڪندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن به معاشي بحران جو شڪار نه آهي ۽ وفاق پاران اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ کي سنڌ جو حصو ملي رهيو آهي تنهن هوندي به جيڪڏهن ڪو اهڙو معاشي مسئلو درپيش آيو ته آئون ذاتي طور تي وزيراعظم پاڪستان سان ملاقات ڪري ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.هڪ سوال تي هن چيو ته عمران خان هينئر مضبوط پوزيشن ۾ آهي ۽ هو ملڪ جي لاءِ اهو ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو ماضي جي حڪمرانن نه ڪيو ۽ وڏي عرصي کان ملڪ کي اهڙي اڳواڻ جي ضرورت هئي. هن چيو ته اها حقيقت آهي ته ملڪ هن وقت معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي جنهن جو سبب ماضي جون حڪومتون آهن جن جي حڪمرانن ڳرا قرض کنيا ۽ موجوده حڪومت اهي قرض لاهي رهي آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته عمران خان ٽيم جو ڪيپٽن آهي ۽ ان کي اهو اختيار حاصل آهي ته هو پنهنجي ٽيم جي ڪنهن به کلاڙي کي تبديل ڪري سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته حڪومت جي ڪارڪردگي جو ذميوار وزيراعظم هوندو آهي.نيب بابت پڇيل سوال تي گورنر سنڌ چيو ته سياسي بيان کان هٽي ڪري چوندس ته نيب ملڪ جو هڪ آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي جنهن ۾ حڪومت جي ڪابه مداخلت نه آهي ۽ نيب ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ثبوت ملڻ تي ڪنهن جي به خلاف اڻڌري ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان جو ايران جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو آهي ۽ پاڙيسري ملڪن سان بهترين لاڳاپا هڪ سٺي روايت آهي. صدارتي نظام بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته صدارتي نظام بابت بحث ۾ ڪابه برائي نه آهي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ صدارتي نظام لاڳو آهي جنهن تحت اقتدار هلي رهيا آهن تنهن هوندي به پارلياماني نظام يا صدارتي نظام ۾ جمهوريت جو هجڻ لازمي آهي. c\u1610 \’ed \

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *