پاڪستان ۽ ايران جو دهشتگردي جي خلاف گڏيل ڪوششن تي اتفاق

تهران: (م ڊ)  وزيراعظم عمران خان ۽ ايراني صدر حسن روحاني پاڪ ايران  تعلقاتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو عزم ڪيو ۽ دهشتگردي جي خلاف گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو ويو . وزيراعظم عمران خان ايراني صدر حسن روحاني سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پرجوش استقبال تي مشڪور آهيان. ايران جي حالتن ۾ نمايان تبديلي آئي آهي. ايراني معاشري ۾ سماجي مساوات جو عڪس نظر اچي ٿو. هن چيو ته ڪنهن دهشتگرد تنظيم جي پاڪستان جي خلاف ڪارروائي  قبول ناهي. دوري جو مقصد ويجهڙائپ آهي. اسان کي پاڻ ۾ دوريون ختم ڪرڻيون پونديون. دهشتگردي جو مسئلو ٻنهي ملڪن لاءِ چيلينج آهي. پاڪستان دهشتگردي سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي. دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي فورس جون ڪارروايون واکاڻ جوڳيون آهن. عمران خان چيو ته دهشتگردي  جي معاملن تي ٻنهي ملڪن ۾ دوريون ٿي سگهن ٿيون. ان ڪري پاڪستان اهو فيصلو ڪنهن به ٻاهرين دٻاءُ تحت ناهي ڪيو. افغان جنگ سان پاڪستان ۽ ايران گهڻو متاثر ٿيا آهن. افغانستان ۾ امن پاڪستان ۽ ايران جي حق ۾ آهي. پاڪستان ۽ ايران ۾ لکين افغان پناهگير رهندا آهن. هن چيو ته انصاف کان سواءِ امن ممڪن ناهي. فلسطيني عوام سان ناانصافي ٿي رهي آهي. اسرائيل عالمي قانون جون ڀڃڪڙيون ڪندي فلسطيني عوام مٿان ظلم ڪري رهيو آهي. والاريل ڪشمير ۾ ستر هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن. جڏهن ته قتل غارت جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي.گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايراني صدر حسن روحاني چيو ته عمران خان سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. سرحدن تي سيڪيورٽي جا معاملا ۽ ايران پاڪستان گيس پائيپ لائين تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. جڏهن ته ٻطرفي واپار کي هٿي ڏيارڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. ايراني صدر حسن روحاني چيو ته وزيراعظم عمران خان جي تهران جي دوري سان خوشي ٿي آهي. عمران خان جي دعوت تي به جلد پاڪستان جو دورو ڪندس. ياد رهي ته ان کان پهرين وزيراعظم عمران خان ايران جي صدارتي محل سعدآباد پيلس پهتو جتي ايراني صدر حسن روحاني وزيراعظم جو پرجوش استقبال ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا به وڄايا ويا. جنهن کان پوءِ وزيراعظم عمران خان ايراني صدر حسن روحاني سان به ملاقات ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *