اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته جيستائين آصف زرداري ڏوهي ثابت نه ٿو تيستائين کيس ڪرپٽ نه ٿو قرار ڏئي سگهجي. هڪ انٽرويو ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ميڊيا جا حق واضح ۽ طئي ٿيل آهن، وزيراعظم عمران خان اهي قبول ڪري ٿو ۽ حمايت ڪري ٿو، اڄوڪي دور ۾ ميڊيا سان ٽڪراءُ نه ٿو ڪري سگهجي، ساڻن ڳنڍيل رهڻو پوندو. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي ڪارڪردگي سندس مستقبل جو فيصلو ڪندي، مون کي اميد آهي ته دهشتگرديءَ جو جيڪو نئون چئلينج ڪري کڻي رهيو آهي تنهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ برگيڊيئر رٽائرڊ اعجاز شاهه گهرو وزير طور درست چونڊ آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اسان مخالف ڌر تي هاڪاري تنقيد ڪنداسين، جتي اپوزيشن حڪومت تي تنقيد ڪندي تنهن تي کين جواب ڏنو ويندو، مخالف ڌر فائول کيڏندي ته سندن فائول روڪينداسين، کليل ميدان ۾ اچي کيڏڻ سڀني جو حق آهي پر ميچ فڪس ڪري کيڏڻ نه ڏيندس.