ميچ کٽڻ لاءِ بيٽنگ آرڊر تبديل ڪرڻو پوندو آهي ۽ اڳتي به ڪندس: وزيراعظم

اورڪزئي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪو وزير ملڪ لاءِ فائديمند نه هوندو ان کي تبديل ڪري ڇڏيندس. اورڪزئي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي وڏن وزيرن کي پيغام ڏيندي چيو ته هڪ سٺو ڪپتان مسلسل پنهنجي ٽيم تي نظر رکندو آهي، سٺي ڪپتان کي ميچ کٽڻي هوندي آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا بيٽنگ آرڊر تبديل ڪرڻو پوندو آهي، پنهنجي ٽيم تي نظر رکڻ اسان جو ڪم آهي، ڪنهن به ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته ان کي تبديل ڪري ڇڏيندس، مان پنهنجي ٽيم ۾ به بيٽنگ آرڊر تبديل ڪيو آهي. عمران خان چيو ته 27 سال اڳ هن علائقي ۾ آيو هيس ۽ دهشتگردي خلاف جنگ جڏهن شروع ٿي ته سڀني قبيلائي علائقن ۾ ويس، مان گهڙي گهڙي چيو ته آمريڪا جي چوڻ تي فوج کي قبيلائي علائقن ۾ نه موڪليو وڃي پر اهو ڏوهه فوج جو نه حڪمران جو آهي، جنهن آمريڪا جي چوڻ تي فوج کي انهن علائقن ۾ موڪليو، ڪنهن ٻئي وزيراعظم کي قبيلائي علائقن جي ايتري سمجهه ناهي جيتري مون کي آهي، مشرف کي قبيلائي روايتن ۽ تاريخ جو پتو نه هو. هن چيو ته پاڪستان قبيلائين جي قربانين کي نه وساريندو ۽ هتان جي ماڻهن جي مڪمل مدد ڪندو، اسان کي قبيلائي علائقن جي ماڻهن کي ترقي ڏيڻي آهي، جڏهن جنگ ٿيندي آهي ته بي قصور ماڻهو ماريا ويندا آهن، پشتون تحفظ موومينٽ وارا ڳالهه ٺيڪ ڪندا آهن پر انهن جو لهجو ٺيڪ ناهي، پي ٽي ايم پشتونن جي تڪليف جي ڳالهه ڪندي آهي، ماڻهو واقعي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، اهي ئي ڳالهيون مان 15 سالن کان چئي رهيو آهيان. سندس چوڻ هو ائين نٿو ٿي سگهي ته رڳو ماڻهن کي ظلم خلاف ڀڙڪايو وڃي ۽ پوءِ ڪو حل پيش نه ڪيو وڃي، ماڻهن کي پنهنجي فوج جي خلاف ڪرڻ سان ملڪ کي ۽ قبيلائي علائقن کي ڇا فائدو ٿيندو، سوچڻ گهرجي ته ڪيئن اڳتي وڌڻ ۽ حالتون بهتر ڪرڻ گهرجن، حل اهو آهي ته ظلم جي شڪار ماڻهن جي ڦَٽن تي مرهم رکڻي آهي. هن چيو ته اورڪزئي خوبصورت علائقو آهي، اسان ملڪ ۾ سياحن لاءِ سهولتون وڌايون آهن، سيڙپڪاري لاءِ سڄو علائقو کولينداسين، هر خاندان کي هيلٿ انشورنس ڪارڊ ڏئي رهيا آهيون، حڪومت وٽ پئسا هجن ها ته ڪمزور طبقن کي اٿاريون ها ۽ نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ منهنجي حڪومت جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي، جڏهن ته مدرسن جي ٻارن جي تعليم لاءِ اسان زور ڏئي رهيا آهيون، انهن ٻارن کي روزگار به ڏينداسين. عمران خان چيو اسان جي حڪومت آئي آهي ته سڀ گڏجي چئي رهيا آهن حڪومت فيل ٿي وئي، اڃا 8 مهينا ٿيا آهن، ڇا ايڏو وڏو ڏوهه ڪري ڇڏيوسين جو حڪومت هٽائي رهيا آهيون، جمهوريت نه پر چوري جو پئسو خطري ۾ اچي ويو آهي، انهن کي خوف آهي عمران خان 2 سال به رهيو ته سڀ جيل ۾ هوندا، ڇو ته آئي ڏينهن انهن جي ڪرپشن جا داستان اچي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته گذريل 10 سال چوري ڪئي وئي ۽ ملڪ جو ناڻو لُٽيو ويو، اڄ کان 10 سال اڳ ملڪ تي 6 هزار ارب رپيا قرض هو، 10 سالن ۾ قرض 30 هزار ارب ڪيو ويو، ٽن گهراڻن چوري ڪرڻ شروع ڪئي، رڳو هڪ ڏينهن ۾ سود جي مد ۾ 6 ارب کان وڌيڪ ڏيندا آهيون، ملڪ تي قرض ان ڪري چڙهيو ڇو ته مشرف، نواز شريف ۽ آصف زرداري کي اين آر او ڏنو، اين آر او ملڻ کانپوءِ انهن ماڻهن جي آمدني وڌندي وئي ۽ ملڪ تي قرض چڙهي ويو، لنڊن ۾ ويٺل نواز شريف جو پٽ چئي ٿو ته هو پاڪستاني ناهي ۽ جوابده ناهي، هاڻ شهباز شريف ۽ سندس ٻارن جي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ سامهون اچي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *