ملڪ جي معاشي حالت ٻڌائي قوم کي مايوس نٿا ڪرڻ چاهيون؛شاهه محمود قريشي

ملتان (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي معاشي چئلينج ورثي ۾ مليا ۽ ملڪ جي معاشي حالت ٻڌائي قوم کي مايوس نٿا ڪرڻ چاهيون. ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومتون ڪابينا ۾ تبديلي ڪنديون رهنديون آهن، اسان کي معاشي چئلينج ورثي ۾ مليا، ن ليگ حڪومت 19 بلين ڊالرن جو بليڪ هول ڇڏي وئي، اڄ بجيٽ جي وڏي رقم قرض ادا ڪرڻ ۾ وڃي رهي آهي، آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جو سبب سستو قرض آهي، اسد عمر کان اڳ جيڪي به ناڻي وارا وزير رهيا آءِ ايم ايف وٽ ويا، پاڪستاني حڪومت 16 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ وئي، جنهن ۾ پ پ، ن ليگ، مشرف ۽ ضياءَ جي حڪومت شامل آهي. سندس چوڻ هو ته معاشي سفارتڪاري اسان متعارف ڪرائي ۽ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪرائڻ جون ڪوششون اڳ کان جاري هيون، گذريل حڪومتن اهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙيون ڪوششون ڪيون؟ هن چيو ته هڪ طبقو آهي جيڪو ڏکڻ پنجاب کي حقيقت نٿو ڏسڻ چاهي ۽ فضول بحث ٿي رهيو آهي ته تخت گاهه ملتان هجي يا بهاولپور، صحافي پنهنجي قلم ۽ لفظن سان سازش ۽ شرارت ڪندڙن کي وائکو ڪن، ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ صحافين جي مدد جو طلبگار آهيان. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ڀارت پاڙيسري آهي ۽ پاڙيسري کي تبديل نٿو ڪري سگهجي، ٻولي، ثقافت ۽ جاگرافيا اسان کي ڀارت سان جوڙي رکيو آهي، تنهن ڪري اسان پنهنجي پاڙيسري کان لاتعلق نٿا ٿي سگهون پر مسئلن جو حل به ضروري آهي، ٻئي ملڪ ايٽمي طاقت آهن، جيڪي جنگ ۾ هڪٻئي کي برباد ڪري سگهن ٿا، ڀارت کي ڳالهين جي ميز تي اچڻو پوندو، سشما سوراج تسليم ڪيو ته ڀارتي ايڊوينچر ۾ ڪو پاڪستاني نه ماريو ويو، هر قسم جي صلاحيت رکڻ باوجود اسان جي ترجيح امن آهي. پرڏيهي وزير چيو ته بلوچستان ۾ وري امن تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، قوم کي ملڪ خلاف سازشون ڪندڙن کي سڃاڻڻو پوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *