اسلام آباد (بيورو ) سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ايئن نه ٿي جو اورنج لائن منصوبو ڦهڪو ڪري هيٺ اچي ڪري. جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ اورنج لائن ميٽرو ٽرين پروجيڪٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ٽن اڏاوتي ڪمپنين کان هڪ هڪ ڪروڙ رپين جي گارنٽي طلب ڪندي چيو ته 20 مئي تائين ڪم مڪمل نه ٿيو ته گارنٽي ضبط ڪئي ويندي. عدالت جسٽس رٽائرڊ جمشيد يا جسٽس عبدالستار اصغر کي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جسٽس گلزار احمد پراجيڪٽ ڊائريڪٽر فضل حليم بروهي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سبب ڪم رولڙي جو شڪار آهي، ڪنٽريڪٽر ڪم نه ٿو ڪري ته کين کڻي ڦٽو ڪيو يا جيل ۾ وجهو، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر اڏاوتي ڪمپنين کان بليڪ ميل ٿي رهيا آهن، ٽئي اڏاوتي ڪمپنيون هڪ ارب جي گارنٽي ڏين، مقرر تاريخ تائين ڪم مڪمل نه ٿيڻ تي گارنٽي ضبط ڪئي ويندي. اڏاوتي ڪمپني جي وڪيل نعيم بخاري چيو ته هڪ ارب جي گارنٽي نه ٿا ڏئي سگهو، توهان منهنجي اصيل کي جيل موڪلي ڇڏيو. جسٽس گلزار احمد چيو ته منصوبي تي اڏاوتي ڪم جي ڪوالٽي چيڪ ڪرڻ جو ميڪنزم آهي يا ناهي، ايئن نه ٿي ته پراجيڪٽ ڦهو اچي هيٺ ڪري. سپريم ڪورٽ اڏاوتي ڪمپني کان هڪ هڪ ڪروڙ جي گارنٽي طلب ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.