صدارتي نظام جي حق ۾ ناهيون اسان ان کي روڪينداسين: آصف زرداري

اسلام آباد: (بيورو)  اڳوڻي صدر آصف زرداري جو چوڻ آهي ته صدارتي نظام جي حق ۾ ناهيون جڏهن ته ڪوشش ڪرڻ ڏيو اسان ان کي روڪينداسين.اسلام آباد احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر ۽ پ پ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته اهي روز پاڪستان ۾ نوان تجربا ڪرڻ جي موڊ ۾  آهن جڏهن ته صورتحال ڏينهون ڏينهن بد کان بدتر ٿيندي پئي وڃي.صحافي جي سوال تي ته صدارتي نظام جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ڇا چوندو، آصف زرداري چيو ته صدارتي نظام جي حق ۾ ناهيون، کين ڪوشش ڪرڻ ڏيو جڏهن ته اسان انهن کي روڪينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *