شريف خاندان جي عورتن کي طلبي لاءِ ڏنل نوٽيس نيب چيئرمين رد ڪري ڇڏيا

لاهور: (م ڊ) نيب چيئرمين جاويد اقبال شريف خاندان جي عورتن کي طلب ڪرڻ جا نوٽيس رد ڪري ڇڏيا، گهربل ڄاڻ لاءِ کين سوالنامو موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  نيب چيئرمين جاويد اقبال  نيب لاهور بيورو جو دورو ڪيو جتي ڊي جي لاهور طرفان کيس ميگا ڪرپشن ڪيسن خاص ڪري شريف خاندان بابت ڪيسن  تي بريفنگ ڏني وئي.نيب چيئرمين طرفان فيصلو ڪيو ويو آهي ته شريف خاندان خلاف سمورن ڪيسن جي سڌي نگراني هو پاڻ ڪندو. نيب چيئرمين جاويد اقبال نصرت شهباز، رابعا عمران ۽ جويريا علي کي نيب لاهور طرفان طلبي لاءِ نوٽيس رد ڪري ڇڏيا ۽ کين لاڳاپيل ڪيسن بابت نيب کي گهربل ڄاڻ لاءِ سوالنامو موڪلڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. نيب لاهور پاران شريف فيملي جي عورتن کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ گڏيل مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڄ ئي سوالناما موڪليا ويندا. مذڪوره کنيل قدمن مان اها ڳالهه ظاهر ٿي آهي ته نيب عورتن جي تقدس، عزت ۽ چادر چارديواري تي مڪمل يقين رکندي آهي.ان موقعي تي چيئرمين نيب چيو ته نيب احتساب سڀني جي لاءِ آهي ۽ نيب ڪنهن به پارٽي سان تعلق نٿي رکي. نيب هڪ خود مختيار ادارو آهي جيڪو ڪنهن جي به دٻاءُ ۾ اچي ڪم ناهي ڪندو. نيب جي نظر ۾ سمورا ڏوهاري برابر آهن.  نيب چيئرمين چيو ته ميگا ڪرپشن ڪيسن کي ميرٽ ۽ صرف ميرٽ جي بنياد تي جلد کان جلد منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *