راولپنڊي: (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت تي روزانه جي بنياد تي قرض چڙهي رهيو آهي ۽ انهن جي پنهنجي سيٽي وڄڻ واري آهي. هن چيو ته هي حڪومت خالي ٿانو وانگر آهي جنهن ۾ گوڙ کان سواءِ ڪجهه به ناهي ٿيندو.اڳوڻي اطلاعات واري وزير پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اسان عمران خان کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ پنجاهه لک گهر وسارڻ نه ڏينداسين. اسان کيس عليما باجي جي ڪرپشن به وسارڻ نه ڏينداسين. هي ايترا نالائق آهن جو ترقي جي شرح نو مهينن دوران اڌ ٿي وئي آهي. اسان کي ترقي جي شرح ٻارنهن فيصد ملي ۽ اسان ٽي فيصد تي ڏني. هن چيو ته عمران خان صاحب اوهان هن وقت ڪنٽينر تي نه پر ڪرسي تي آهيو. توهان اسان کي ڌمڪيون نه ڏيو، ڪارروائي ڪريو. اسان جيڪڏهن نالا وٺڻ تي آياسين ته اسان جي قيادت اجازت نٿي ڏئي.فواد چوڌري تي تنقيد ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته فواد چوڌري صاحب ڳالهيون سڀني کي ڪرڻ اينديون آهن. پشاور ۾ هڪ کرب روپين جا کڏا موجود آهن پر نيب ان تي خاموش آهي ڇو ته ان ۾ وزيراعظم پاڻ ڪرپشن ڪئي آهي ان جي نيت ۾ کوٽ آهي. اين ڪي ڊي اين اي ۾ بدتميزي ۽ بي شرمي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته دنيا جو هر ملڪ قرض وٺندو آهي اهو ڪوڙ آهي ته قرض وٺڻ سان مهانگائي وڌي ٿي. هن ملڪ جي بدقسمتي اها آهي ته وزيراعظم ڪوڙ ڳالهائيندو آهي اڄ ملڪ جهڙين حالتن مان گذري رهيو آهي ان ۾ رڳو ناڻي واري وزير کي نه پر پوري حڪومت کي گهر وڃڻ گهرجي. هن چيو ته رمضان جي مهيني ۾ روزو کولڻ به غريب عوام لاءِ مشڪل ٿي ويندو ڇو ته هي نااهل حڪومت آهي. اسان کربين روپين جا پراجيڪٽ ڏنا ۽ پي ٽي آءِ کربين روپين جا کڏا کوٽرايا.اڳوڻي اطلاعات واري وزير چيو ته دنيا جو سڀني کان وڏو مني لانڊر جهانگير ترين وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندو آهي. هن چيو ته شاهه محمود قريشي کي خبر پئجي وئي آهي ته حڪومت نااهل آهي ۽ اڳيان نه هلي سگهندي ان ڪري هو پنج سال پورا ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. مسلم ليگ(ن) جي ترجمان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽي عمران خان جي نشاني تي آهن ۽ نيب کي استعمال ڪيو پيو وڃي. اسان پنهنجي تي آياسين ته هڪڙي ڪال تي عوام رودن تي نڪري ايندو. هن چيو ته موجوده حڪومت کي شريف خاندان مان وڏو خوف آهي ۽ اسان جو واسطو بداخلاق مخالفن سان پيو آهي.