ڪراچي: (م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پرائيويٽ اسڪولن کي گرمي جي موسم جي موڪل دوران ايڊوانس في وٺڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسڪولن جي اضافي فين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت پرائيويٽ اسڪولن کي گرمي جي موسم ۾ موڪلن جون ايڊوانس في نه وٺڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به اسڪول گرمي جي موڪلن جي ايڊوانس فيس وصول ڪئي آهي ته ان جا ثبوت جمع ڪرايا وڃن. اسان ان اسڪول جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪنداسين.عدالت چيو ته جيڪڏهن پوئين سال سپريم ڪورٽ هڪ مهيني جي فيس ختم ڪرائي هئي ته هن سال اها ڇو پئي ورتي وڃي.؟ عدالت طرفان ٻن مهينن جي فيس وصول ڪندڙ اسڪولن کي هڪ مهيني جي فيس واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.هاءِ ڪورٽ پاران والدين کي اسڪول جون فيون جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته اسڪول جيڪو چالان جاري ڪري رهيا آهن مائٽ اها في جمع ڪرائين اگر پوءِ به ڪو فرق آيو ته عدالت والدين کي في واپس ڪرائي ڏيندي.