حڪومت ڪيرائڻ مسئلي جو حل ناهي، اسان کي به پنج سال ملڻ گهرجن: شاهه محمود قريشي

ملتان ( م ڊ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت ڪيرائڻ مسئلي جو حل هجي ها ته پوءِ ڪابه حڪومت هلي نه ٿي سگهي، مهانگائي ۾ اضافي جا ذميوار اڳوڻا حڪمران آهن. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته تحريڪ انصاف معاشي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، حڪومت قدمن سان معيشت پنهنجي پيرن تي بيهڻ شروع ڪيو آهي، ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري اچي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ سان ڪو مسئلو حل نه ٿيندو، 10 سالن دوران ورتل قرضن جو ذميوار ڪير آهي، اسحاق ڊار ڊالر جي اگهه ۾ کي هٿرادو بريڪ هنيو، موجوده حڪومت کي چئلينج ورثي ۾ مليا آهن جنهن تي ضابطو آندو ويندو.  سندس چوڻ هو ته مهانگائي ۾ جيڪڏهن اضافو ٿيو آهي ته ذميوار ماضي جا حڪمران آهن، ماضي جي حڪمرانن قرضن ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪيو،  اسان پنجن سالن بعد پنهنجي ڪارڪردگي عوام سامهون رکنداسين، احتجاج ڪرڻ مخالف ڌر جو سياسي حق آهي، تحريڪ انصاف معاشي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته نيب هڪ خودمختيار ادارو آهي، حڪومت جي ماتحت ناهي، ڪرپشن جو خاتمو اسان جي ايجنڊا جو حصو آهي،  اميد آهي ته نيب بنا ڪنهن دٻاءَ ۽ رعايت جي ڪرپشن خلاف ڪارروائي ڪندي رهندي. هن چيو ته ڀارتي چونڊن جا مرحلا مڪمل ٿيڻ تائين اسان کي محتاط رهڻو پوندو، پاڪستان ڪڏهن به افغانستان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪئي آهي، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ڏسڻ چاهيون ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *