18هين ترميم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ دمادم مست قلندر ٿيندو: بلاول ڀٽو

گهوٽڪي(رپورٽ؛سيد هاشم شاهه/وجي ڪمار) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هي ڪهڙي حڪومت آهي، جيڪا هڪ سال اندر ٽي، ٽي بجيٽ پيش ڪري چڪي آهي.گهوٽڪي ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته هي نااهلن جو ٽولو آهي، جن کان حڪومت سنڀالي نه پئي سگهجي. عمران خان چيو هو ته هو قرض نه وٺندو، ڇو ته ان سان ملڪ جي سلامتي گروي ٿي ويندي آهي، عمران خان چيو ته هو خودڪشي ڪندو پر قرض نه وٺندو، آءِ ايم ايف وٽ نه ويندو. هن چيو ته جيڪو ڊالر 100 رپين جو هو اهو هاڻي 142 رپين جو ملي رهيو آهي.هنن جي ايمنسٽي اسڪيم ٽيڪس ڏيڻ وارن جي منهن تي هڪ چماٽ آهي. بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ڪٺ پتلي چيو هو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندو، اڄ نوجوان بيروزگاري سبب روئي رهيا آهن. 50 لک گهر ٺاهڻ جو واعدو ڪيو هو.بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته هي ارڙهين ترميم ختم ڪري صوبن جي حقن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، هي ون يونٽ ٺاهي وفاق کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا، ون يونٽ سان پهرين به ملڪ ٽٽو هو، ڇا هي هاڻ به ملڪ کي ٽوڙڻ چاهين ٿا. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته مان ڪٺ پتلي وزيراعظم کي خبردار ڪرڻ چاهيان ٿو ته ارڙهين ترميم کي ختم ڪري عوام جا حق غصب ڪرڻ ۽ ون يونٽ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ دمادم مست قلندر ٿيندو.جڏهن ته ٻئي طرف جلسي کي پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه خطاب ڪيو. هن چيو ته هڪ دفعو وري وزيراعظم هائوس مان رڙيون اينديون، فواد چوڌري رڙين جي ريهرسل ڪري رهيو آهي. عاجز ڌامراهه چيو ته سياسي يتيمن جي ٽولي سان ملي ڪري عمران خان سنڌ کي ڇا ٿو ڏئي سگهي؟ سنڌ جي سياسي يتيمن تي هاڻي ڪو سياسي ٽڪو به اثر ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *