وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود مهانگائي وڌڻ جو اعتراف ڪري ورتو

لاهور: (م ڊ)  وزيراعظم عمران خان جي واپار بابت وزير عبدالرزاق دائود ملڪ ۾ مهانگائي وڌڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالرزاق دائود چيو ته پاڪستان اڳتي وڌندو ۽ رنڊڪون جلد ختم ٿي وينديون. ڪجهه مهينن دوران ملڪي برآمد ۾ اضافو ٿيو آهي. ايندڙ ٻن کان ٽن سالن ۾ پاڪستان جي برآمد ۾ اضافو ٿيندو. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن موجب پاڪستاني شين جو معيار بهتر ٿيو آهي.يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جو چوڻ آهي ته پاڪستان اڃان اڳتي وڌندو. هن چيو ته ملڪي برآمد وڌائڻ لاءِ اسان کي محنت ڪرڻي پوندي. ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته سپلاءِ چين بهتر ٿي وڃي.عبدالرزاق دائود چيو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته مهانگائي وڌي  آهي.  مهانگائي وڌڻ جي سببن جو جائزو وٺي رهيا آهيون. پاڪستان اڳتي وڌندو انشاءَالله تمام جلد سموريون پريشانيون ۽ ڏکيائيون ختم ٿي وينديون ۽ غريب عوام کي وڌ کان وڌ رليف مهيا ڪنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *