وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلن جي منظوري

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا ۾ اي سي سي جي فيصلن جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته وزير اعظم فيصلن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ 19 نقطن واري ايجنڊي تي غور ڪيو ويو ۽ نئين ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا اي سي سي جي فيصلن جي منظوري ڏني ۽ ڪابينا جي فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو وٺندي وزير اعظم فيصلن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. متروڪه وقف املاڪ بورڊ جي سربراهه جين ڪوون، ٽو، ٿري جي سربراهن جي مقرري واري ايجنڊي جو حصو هئي جڏهن ته سي اي او اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن جي مقرري جي منظوري ڏني ۽ انفارميشن ڪميشن ميمبرن جي سيلري پيڪيج جي منظوري به ايجنڊي ۾ شامل هئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ موذي مرضن جي علاج واري پروگرام جي بحالي، پيپرا رولز 2004ع ۾ ترميم ۽ فيصل آباد ۾ آبي وسيلن لاءِ فرانس کان 94 ملين يورو قرض معاهدي جي منظوري جا معاملا غور هيٺ آيا. اجلاس ۾ عابد حسين، افروز عالم لهري نالي ماڻهن کي يو اي اِي، سعودي عرب جي حوالي ڪرڻ جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته فارميسي جي تعليمي ادارن جي الحاق ۽ سرڪاري آفيسرن جي ٻٽي شهريت بابت عدالتي فيصلي تي به غور ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاڪستان ميڊيا يونيورسٽي جي قيام جي به منظوري ڏني وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *