ڪراچي (م ڊ) بلديا سانحي ۾ انڪشافن جو سلسلو جاري آهي ۽ ايم ڪيو ايم جو گهيرو تنگ ٿيندو پيو وڃي. اي ٽي سي جي ٻڌڻي ۾ بلديا سانحي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. شاهد بيان ڏنو آهي ته ايم ڪيو ايم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڀتو نه ڏيڻ تي فيڪٽري کي باهه ڏني. فيڪٽري جي پروڊڪشن انچارج شاهد طور بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو. هن ايم ڪيو ايم طرف فيڪٽري مالڪن کان ڀتو گهرڻ جي تصديق ڪئي آهي. شاهد موجب فيڪٽري مالڪن ٻڌايو هو ته ايم ڪيو ايم وارن 25 ڪروڙ رپيا ڀتو گهريو، مان ايم ڪيو ايم ڪارڪن زبير چريا کي چيو ته رقم هڪ ڪروڙ رپيا ڪري ڇڏيو. شاهد جي بقول زبير چريا جواب ڏنو ته ڀتي جي رقم 25 ڪروڙن کان گهٽ نه ٿيندي، ڀتو نه ڏنو ويو ته سنگين نتيجا سامهون ايندا، ڀتي تي معاملا طئي نه ٿيڻ تي جوابدارن فيڪٽريءَ کي باهه ڏئي ڇڏي. جوابدارن جو بيان رڪارڊ ڪندڙ جڊيشل مئجسٽريٽ به ان موقعي تي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو. واضح رهي ته سيپٽمبر 2012 ۾ ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون جي فيڪٽري ۾ باهه جو واقعو پيش آيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 260 مزدور سڙي مري ويا هئا، پوءِ انڪشاف ٿيو هو ته هڪ سياسي جماعت ڀتو نه ملڻ تي اهڙي ڪارروائي ڪئي.