شهباز شريف نيب جي طلبي واري نوٽيس کي اهميت نه ڏني

لاهور (م ڊ ) مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف نيب طلبي جي نوٽيس کي اهميت نه ڏني ۽ پيش نه ٿيو آهي، نيب طرفان اڄ شهباز شريف کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ گهرايو ويو هو.  تفصيل موجب مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو پر نيب اڳيان پيش نه ٿيو، نيب شهباز شريف کي اڄ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ طلب ڪيو هو.  نيب طرفان شهباز شريف کان پڇاڳاڇا لاءِ 12 سوالن تي ٻڌل سوالنامو به تيار ڪري ورتو آهي، شهباز شريف خلاف پٽن جي ڳٺ جوڙ سان مني لانڊرنگ ڪرڻ جو الزام آهي. ان ڏس شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز چيو آهي ته شهباز شريف تحريري جواب ذريعي نيب کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.  نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته هنيئر تائين شهباز شريف جو جواب ناهي مليو، نيب جاچ ٽيم آفيس وقت تائين جواب يا سندس اچڻ جو انتطار ڪندي، شهباز شريف جي اڄ پيش نه ٿيڻ تي قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. ياد رهي ته احتساب عدالت ۾ رمضان شگر ملز ڪيس ۾ نامزد پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز تي فرد جرم لاڳو ڪيو هو جڏهن ته ٻنهي ڄڻن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *