ٽرمپ عالمي دهشتگردي جو سربراهه ۽ آمريڪي فوج دهشتگرد تنظيم آهي: ايراني صدر

تهران ( م ڊ ) ايراني صدر حسن روحاني ڊونلڊ ٽرمپ کي عالمي دهشتگردي جو سربراهه قرار ڏيندي چيو آهي ته آمريڪي فوج هڪ دهشتگرد تنظيم آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ دهشتگردي پٺيان آمريڪا جو هٿ آهي.  پرڏيهي خابرو اداري موجب ايراني فوج کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ واري آمريڪي فيصلي تي ردعمل ڏيندي ايراني صدر حسن روحاني چيو ته پاسدرارن انقلاب ايران جا محافظ آهن ۽ ايراني عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت دوران پاسدران انقلاب جي جوانن پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن . صدر حسن روحاني وڌيڪ چيو ته آمريڪا پسداران انقلاب خلاف بغض رکي ٿو ۽ ايران دشمني ۾ ئي ايراني فوج خلاف تڪراري فيصلو ڪيو جڏهن ته اصل ڳالهه اها آهي ته آمريڪا عالمي دهشتگردي  جو سربراهه آهي ۽ آمريڪي فوج پاڻ هڪ دهشتگرد تنظيم آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *