پاڪستان جو ڀارت جي خلائي مشن تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان ڀارت طرفان خلا ۾ سيٽلائٽ کي نشانو بڻائڻ واري تجربي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي عالمي سلامتي ۽ مضبوطي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي 27 ماچ تي اعلاج ڪيو هو ته ڀارت اينٽي سيٽلائٽ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي جنهن جي تحت ميزائل جي ذريعي خلا ۾ سيٽلائٽ کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو ۽ ان مشن کي ” شڪتي مشن“ جو نالو ڏنو ويو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته خلا ۾ سيٽلائٽ کي نشانو بڻائيندڙ جي تازي ڀارتي تجربي جي نتيجي ۾ خلا ۾ ڦهلندڙ ملبي مان خطرو آهي.  پرڏيهي کاتي چيو ته اِهي اطلاع نهايت پريشان ڪندڙ آهي ته ڀارتي تجربي جي نتيجي ۾ پيد اٿيل ملبي جا حصا عالمي خلائي اسٽيشن ڏانهن حرڪت ڪري رهيا آهن ۽ ان سان ٽڪرائڻ جو خطرو آهي. پرڏيهي کاتي جي چوڻ هو ته عالمي برادري جو خلا ۾ ڦهلندڙ ملبي سان پرامن سرگرمين لاءِ خطرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ٿيڻ گهرجي پر اهڙي بندوبست جي عسڪري رخ ۽ عالمي، علائقائي، سلامتي ۽ مضبوطي لاءِ ان جي نقصانن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان خلا کي گولي بارود کان پاڪ رکڻ جو پرزور حامي آهي،  خلا جي استعمال تي لاڳو ٿيل عالمي قانوني ضابطن ۾ موجود سقم پري ڪرڻ لاءِ هم خيال ملڪن سان گڏجي ان مقصد جي لاءِ ڪاوشون ڪندا رهنداسين.  پرڏيهي کاتي چيو ته پاڪستان چاهي تٿو ته پراُمن سرگرمين ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ خلائي ٽيڪنالاجيز جي استعمال جي لاءِ ڪنهن طر ف کان خطرا نه ٿين. پرڏيهي کاتي وڌيڪ چيو ته موثر قانون جي عدم موجودگي ۾ ٻيون رياستون به اهڙي قسم جي صلاحيتن جي اظهار لاءِ اهڙي نوعيت جي بندوبست جي پيروي ڪنديون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *