لاڙڪاڻو (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ جا ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ قانون جي ڀڇڪڙي آهي، احتساب جي نالي تي انتقام ۽ سياسي انجنيئرنگ ڪئي پئي وڃي. لاڙڪاني ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن آمريڪا جي ڪنهن رياست ۾ ڏوهه ٿي ته ٽرائل به ساڳي عدالت ۾ ٿيندو آهي، اهڙي نموني پاڪستان ۾ به ساڳيو ئي قانون آهي. هن چيو ته ڀٽوز لاءِ هميشه پنڊيءَ ۾ ڪربلا برپا ڪئي ويندي آهي، پنڊي ۾ ٽرائل ڪرڻ تي اسان کي اعتراض آهي جيڪو هر فورم تي اٿاريو ويندو. سندس چوڻ هو ته احتساب جي نالي تي سياسي مخالفن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، انتقام ورتو پيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن اسان لاءِ هڪ قانون لاڳو ٿيندو سڀاڻي ٻين لاءِ به ساڳيو قانون لاڳو ٿيندو. هن چيو ته پ پ آمريتن جو مقابلو ڪيو آهي، هو جڙتو حڪومت کان ڊڄڻ وارن مان نه آهن، هر حالت جو مقابلو ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته هڪ سال کان اويس مظفر ٽپي سان رابطو ناهي، سندس گرفتاري جي خبر ڪوڙي هئي جيڪا ڄاڻي ٻجهي پکڙي وئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم عمران خان کي غريبن جو احساس آهي ته مهانگائي جو طوفان ڇو آندو ويو آهي. هن چيو ته ناڻي واري وزير کي زراعت بابت ڪابه ڄاڻي ناهي تنهن ڪري آبادگارن جو معاشي قتل عام ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته عوام جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي، اسان گهڻي دير تائين عوام جو نقصان برداشت نه ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شيخ رشيد بابت ڪراچيءَ ۾ ڪيل پنهنجي ڳالهين تي قائم آهيان. هن چيو ته دل جي علاج لاءِ صوبي جي هر شهر ۾ اين آءِ سي وي ڊي يونٽ قائم ڪيا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته ملڪ کي چندي تي نه ٿو هلائي سگهجي.