لاهور ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو هڪ دفعو ٻيهر شريف ميڊيڪل سٽي ۾ طبي معائنو ڪيو ويو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو هڪ دفعو ٻيهر شريف ميڊيڪل سٽي ۾ طبي معائنو ڪيو ويو ۽ سندس ضروري ٽيسٽون ڪيون ويون. ڊاڪٽرن جديد مشين ذريعي هولٽر ۽ ايڪو ٽيسٽ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ڌڙڪن جي ترتيب ۾ آڻڻ لاءِ پيس ميڪر ۽ آءِ سي ڊي جي تجويز ڏني وئي آهي. هولٽر کان ڌڙڪن جي 24 کان 48 ڪلاڪ تائين مسلسل نگراني ڪئي ويندي. ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ذاتي ڊاڪٽر عدنان چيو ته پهرين مرحلي ۾ نواز شريف کي پيش بيمارين جي سڃاڻپ ڪئي ويندي. هن چيو ته نواز شريف جي علاج تي ڪيترو وقت لڳندو اڃا چوڻ ڪجهه وقت کان اڳ هوندو هو لنڊن ۾ نواز شريف جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر لارنس سان به رابطي ۾ آهن. ڊاڪٽر عدنان چيو ته نواز شريف جي گڙدن جي تڪليف ۾ ڪجهه ڏينهن دوران اضافو ٿيو آهي جڏهن ته لنڊن ۾ موجود ذاتي ڊاڪٽر لارنس سان به مشورا ڪيا پيا وڃن.