پرويز مشرف 2 مئي تائين پيش نه ٿيو ته دفاع جو حق ختم ڪري ڇڏينداسين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( بيورو ) پرويز مشرف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جوابدار جي عدم موجودگيءَ ۾ ٽرائل غير آئيني آهي، حڪومت پرويز مشرف کي پاڻ وڃڻ ڏنو ۽ واپسي لاءِ ڪجهه نه ڪيو.  سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران خاص عدالت جو 28 مارچ جو حڪم نامو پيش ڪيو ويو.  چيف جسٽس آصف سعيد کوسا پڇاڻو ڪيو ته ڇا پرويز مشرف پيش ٿيڻ جي خاطري ڪرائي آهي،  اڳوڻي صدر جي وڪيل چيو ته پرويز مشرف پاڻ واپس اچي بيان قلمبند ڪرائڻ چاهي ٿو، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته پرويز مشرف خاطري باوجود واپس نه موٽيو ته ڇا ٿيندو؟ ڪمٽمينٽ ڪري واپس نه موٽڻ تي ڪجهه ته ٿيڻ گهرجي. اڳوڻي صدر جي وڪيل سلمان صفدر چيو ته ذاتي ضمانت نه ٿو ڏئي سگهان ته پرويز مشرف واپس ايندو پر وڪيل طور مون کي هدايت آهي ته هو ذاتي طور پيش ٿيندو، پرويز مشرف علاج لاءِ 13 مئي تي واپس اچڻ جي تاريخ ڏني، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس غير موثر ٿي چڪو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدار جي عدم موجودگي ۾ ٽرائل غير آئيني هوندو آهي، جوابدار ڄاڻي ٻجهي پيش نه ٿي ته فائدو نه کڻڻ ڏينداسين، سنگين غداري ڪو معمولي ڏوهه ناهي. سپريم ڪورٽ مشرف ٽرائل اڳتي وڌائڻ بابت محفوظ فيصلو ٻڌائيندي حڪم ڏنو ته ٽرائل ڪورٽ فريادي ڌر کي ٻڌي ڪيس جو فيصلو ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پرويز مشرف 2 مئي تي پيش ٿيو ته سموريون سهولتون مليل هونديون ٻئي صورت ۾ سندس دفاع جو حق ختم ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *