موجوده حڪومت ۾ مهانگائي 2008 ۽ 2013 کان گهٽ آهي: اسد عمر

اسلام آباد ( بيورو ) ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته موجوده حڪومت ۾ مهانگائي 2008ع ۽ 2013ع جي مقابلي ۾ گهٽ آهي. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته اي مني انسٽيٽيوشنز ريگوليشنز جاري ڪرڻ تي اسٽيٽ بئنڪ کي ساراهيان ٿو، اڃا به جيڪو ڊجيٽل مني سسٽم آهي اهو اصل ۾ مني ٽرانسفر جو سسٽم آهي، اهو خطرناڪ آهي، تنهن تي ايف آءِ اي ۽ توهان کي نظر رکڻي پوندي، جيڪڏهن ڊيٽا هيڪ ٿي وئي ته وڏو مسئلو پيدا ٿيندو.  هن چيو ته سائبر سڪيورٽي عالمي معيار جي هئڻ گهرجي، رسڪ برداشت نه ٿي ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي معيشت جا ڪيترائي بنيادي مسئلا آهن جڏهن ته ڪابينا جي راءِ ۾ گڏيل فيصلا ڪندا آهن، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته مهانگائي آهي،  موجوده پرڏيهي ادائيگين جو بحران ماضي کان وڌيڪ آهي، مهانگائي 2008ع ۽ 2013ع کان گهٽ آهي. اسد عمر چيو ته معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ جيڪي قدم کنيا تنهن سان مهانگائي وڌندي آهي، اياز صادق سميت سموري مخالف ڌر کي چئلينج ڪيان ٿو، منهنجون پراڻيون تقريرون ۽ ٽوئٽس کڻي اچن، مخالف ڌر جي سمورن سوالن جا جواب ڏيندس.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *