انقرا ( م ڊ ) ترڪ صدر جي پارٽي جسٽس اينڊ ڊيولمپنٽ پارٽي اتحادين سان گڏجي مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب گذريل ڏينهن ترڪي جي مڪاني چونڊن جو عمل 81 صوبن ۾ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 98 سيڪڙو ووٽن جي ڳڻپ ٿي چڪي آهي جنهن ۾ غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي پارٽي جسٽس اينڊ ڊيولپمنٽ پارٽي اتحادين سان گڏجي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. رپورٽن موجب ترڪ صدر سموري ملڪ مان اتحادي پارٽين سان گڏجي 51.7 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته اڃا به ٻه سيڪڙو نتيجا اچڻ باقي آهن جنهن کانپوءِ سموري ملڪ مان ايندڙ نتجين جو سرڪاري اعلان سپريم اليڪٽرول ڪائونسل طرفان ڪيو ويندو. ٻئي پاسي مخالف ڌر پارٽي ريپبلڪن پيپلز پارٽي جي سربراهي ۾ ٺهيل قومي اتحاد سڄي ملڪ مان 37.6 سيڪڙو ووٽ حاصل ۾ ڪامياب رهيو آهي جڏهن ته ريپبلڪن پيپلز پارٽي حيران ڪندي ترڪي جي گادي واري شهر انقرا ۾ واضح سرسري حاصل ڪري ورتي آهي جڏهن ته استنبول ۾ ٻنهي پارٽين وچ ۾ ننهن چوٽيءَ جو مقابلو آهي. ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي اقتدار جي 16 سالن ۾ مڪاني چونڊن ۾ سندس پارٽي کي گادي واري شهر انقرا ۾ پهريون دفعو شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي جڏهن ته ملڪ جي واپاري شهر استنبول ۾ مڪمل نتيجا ناهن آيا، ان کان اڳ ئي رجب طيب اردگان پنهنجي هار تسليم ڪري ورتي آهي. رجب طيب اردگان 90 جي ڏهاڪي ۾ پنهنجي سياسي سفر جي شروعات استنبول جي ميئرشپ سان ڪئي هئي ۽ هاڻ پهريون ڀيرو ملڪ جي سڀ کان وڏي واپاري شهر مان ميئرشپ سندس پارٽي جي هٿن مان نڪري چڪي آهي. انقرا ۾ پنهنجي حمايتن کي خطاب ڪندي رجب طيب اردگان استنبول ۾ به شڪست مڃيندي چيو ته هاڻ سمورو ڌيان واپار کي بهتر بڻائڻ تي هوندو. ٻئي پاسي مخالف ڌر پارٽي ريپبلڪن پيپلز پارٽي جي سربراهه ڪيمل ڪلڪ ڊراگلو جو چوڻ آهي ته عوام جهموريت جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ جهموريت جي چونڊ ڪئي آهي. واضح رهي ته ترڪي جي ٽن وڏن شهرن، استنبول، انقرا ۽ ازمير رجب طيب اردگان جي پارٽي اي ڪي جا مضبوط ڳڙهه سمجها ويندا هئا .