اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ آرمي چيف قمر جاويد باجوه، ڊي جي آءِ ايس پي آر، ناڻي واري وزير اسد عمر، تعليم واري وزير شفقت محمود، مملڪتي گهرو وزير شهريار خان آفريدي ۽ گهرو سيڪريٽري سميت ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. ذريعن موجب وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ملڪ جي اندرين ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي واري صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وزير اعظم کي پابدني مڙهيل تنظِمن جي خلاف جاري ڪريڪ ڊائون تي به بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته وزير اعظم جي بيان تي افغان اختيارين جي تازي دوري تي به غور ڪيو ويو. ذريعن موجب وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري افغان امن ڳالهين واري معاملي تي بريفنگ ڏني ۽ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي سفارشن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته ڀارتي جارحيت کان پوءِ واري صورتحال تي به ڳالهيون ٿيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو، افغانستان ۾ امن سان سڄي خطي جو امن سلهاڙيل آهي، پاڪستان افغانستان ججي امن لاءِ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪندو رهندو.