اسلام آباد (بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم جو سڀاڻي ميڊيڪل سٽي ۾ طبي معائنو ڪيو ويندو. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم جي ذاتي ڊاڪٽر عدنان ٻڌايو ته نواز شريف سڀاڻي صبح شريف ميڊيڪل سٽي ويندو جتي ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم سندس معائنو ڪندي جنهن بعد سندس وڌيڪ ٽيسٽن جو فيصلو ٿيندو، نواز شريف جا وڌيڪ ٽيسٽ ڪهڙي ليب مان ڪرايا وڃن ان بابت به فيصلو ڪيو ويندو. ٻئي پاسي ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف ڪڏهن به علاج کان انڪار نه ڪيو ۽ نه ئي لنڊن وڃڻ جو چيو، ڪالهه ثابت ٿيو ته نواز شريف جو علاج شروع نه ٿيو هو. هن پي ٽي آءِ حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته عليما باجي جي اڪائونٽن ۾ ارب ۽ کرب پيا آهن، سندس پرڏيهه ۾ فليٽ آهن.