ڪراچي (رپورٽر) وفاقي حڪومت خلاف پ پ جو ٽرين مارچ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ ڪراچي جي ڪينٽ اسٽيشن کان شروع ٿي ويو آهي، جيڪو مختلف شهرن کان ٿيندو رات نوابشاهه ۾ ترسندو، صبح اتان نڪري آخري اختتام لاڙڪاڻي ٿيندو، جتي هو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچندو ۽ ڪارڪنن کي هر اسٽيشن تي خطاب ڪندو، هوڏانهن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ذوالفقارعلي ڀٽو سر ڏنو پر نظريي تان يوٽرن نه ورتو ڪجهه ماڻهو اڄ به شهيد ڀٽو جي نظريي ۽ فڪر کان ڊڄن ٿا قومي اسيمبلي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو نالو ورتو وڃي ٿو ته وزير سڙي وڃن ٿا انهن جي وزيرن جون رڙيون نڪري وڦن ٿيون اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي ٽرين مارچ جي حوايل سان لانڍي ريلوي اسٽيشن تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو اسٽيشن تي موجود پ پ پ جي ڪارڪنن وفاقي حڪومت جي خلاف نعرا به هنيا بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام جو سمنڊ اسان سان گڏ آهي ذوالفقارعلي ڀٽو شهادت قبول ڪئي پر يوٽرن نه ورتو عامر اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو ۽ عوام کي ڌوڪو نه ڏنو اڄ حڪمران ذوالقارعلي ڀٽو جي ڪارڪنن ۽ ڏهٽي کان ڊڄن ٿا 4 اپريل تي قافلو ڳڙهي خدابخش پهچندو هن چيو ته ملير جي جان نثارن جو پ پ پ جي ڪارڪنن جو ٿورائتو آهيان اوهان سڀ استقبال ڪرڻ لا3 هتي آيا آيو 4 اپريل تي ڀٽو جي 40هين ورسي آهي اسان هر سال ڳڙهي خدابخش پهچون ٿا اسان هن سال به وڏي انگ ۾ ڳڙهي خدابخش پهچنداسين اسان دنيا کي پيغام ڏينداسين ته ڪالهه به ڀٽو زنده هو اڄ به ڀٽو زنده آهي شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو آمر آڏو ڪنڌ نه جهڪايو 40 سال پهريان غير جمهوري قوتن ڀٽو کي ڦاهي ڏيئي ڇڏي هن سر ڏنو پر نطريي کان يوٽرن نه ورتو بلاول ڀٽو پنهنجي تقريب ۾ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو لاءِ لکيل نظم جا شعر به پڙهيا ته هو قائد عوام هو وطن جو افتخار هو ۽ چيو ڪجهه ماڻهو اڄ به ڀٽو شهيد جي نظريي ۽ فڪر کان ڊڄن ٿا هن چيو ته جڏهن اوهان جي ڏهٽي کي ڀٽو جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ته وزيرن جون ننڍون ڦٽي وڃن ٿيون اهو انهن کان برداسٽ نه ٿي رهيو هو ته ڀٽو جو ڏهٽو اليڪشن ۾ حصو ڇو وٺي رهيو آهي بلاول ڀٽو چيو ته تاريخ ۾ بدترين ڌانڌلي ڪئي ويئي ميڊيا جي بدترين سينسر شپ ڪئي ويئي ڪي پي ڪي لاءِ اسان جي جهاز کي اڏامڻ نه ڏنو ويو پشاور ۾ اسان کي گهر کان ٻاهر وڃڻ نه ڏنو ويو مالاڪنڊ ۾ اڻڄاتل ماڻهن ڌانڌلي ڪئي اهي فارم 45 اڄ به نه آهي لياري ۾ اڄ به اسان جو فارم 45 غائب آهي هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ به ڪوشش ڪئي ويئي پر انهن کان نه ٿي سگهيو ڪوشش ناڪام ٿي ۽ 20 سالن کان پوءِ ڀٽو اسيمبلي ۾ پهچي ويو هي ماڻهو اپوزيشن کي برداشت نٿا ڪن انهن لاءِ مسئلو ٿي ويو هي ماڻهو پرويز مشرف جي پيداوار آهن جيڪي اليڪشن ۽ ڌانڌلي مان حاصل نه ڪري سگهيا نيب جي ذريعي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا هن چيو ته اليڪسن ۾ ناڪام رهيا اهي هن طريقي ۾ به ناڪام ٿي ويندا نيب مشرف جو بڻايل ادارو آهي 2011 ۾ پوليٽيڪل انجينرئنگ ڪئي ويئي ته نيب جو اهم ڪردار هو نيب جو اڄ به ساڳيو ڪردار آهي اهو سمجهي ٿو ته اهي اسان کي ڊيڄاري سگهن ٿا اهي اسان جي زبان بند ڪري سگهن ٿا اهي سمجهن ٿا ته ذوافلقارعلي ڀٽو جو ڏهٽو ڊڄي ويندو اهي سمجهن ٿا ته اسان انساني ۽ معاشي حقن جو دفاع نه ڪنداسين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪارڪن 4 اپريل تي ڳڙهي خدابخش ۾ گڏ ٿي سڄي دنيا کي پيغام ڏيندا ته اڄ به ڀٽو ۽ بينظير جا ڪارڪن موجود آهن اسان مشرف جي امريت کان نه ڊڄنداسين ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري ڪينٽ اسٽيشن تي خطاب ڪندي چيو تها ڄ به شهيد ڀٽو جو ڪارڪن انساني هقن جي تحفظ لاءِ محفوظ آهي ڪراچي کان لاڙڪاڻي تائين جو سفر ڪري رهيو آهيان اميد آهي ته ڪارڪن به ڳڙهي خدابخش پڇهچندا هن چيو ته هي ٽرين مارچ آهي نه احتجاجي ريلي آهي هاڻي کان عمران خان جون رڙيون نڪري ويون آهن جڏهن ٽرين مارچ ڪنداسين ته پتو پئجي ويندو ڪارڪنن جو مهربانيون جو آجيان ڪرڻ آيا 4 اپريل تي ڀٽو جي ورسي آهي ان لاءِ ترين جو سفر ڪري رهيو آهيان ڪارڪن ماضي وانگر هن ورسي ۾ وڌ ۾ وڌ شريڪ ٿين.