پاڪستان ۽ يورپي يونين ۾ دهشتگردي جي خاتمي تي اتفاق

اسلام آباد ( بيورو ) پاڪستان ۽ يورپي يونين دهشتگردن خلاف گڏيل ڪريڪ ڊائون تي اتفاق ڪيو آهي.  اسلام آباد ۾ يورپي يونين جي خاص نمائندي سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته  پاڪستان پلواما حملي کانپوءِ ڀارت سان ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ نه رڳو قدم کنيا پر صبر ۽ ذميواريءَ جو به مظاهرو ڪيو.  هن چيو ته پلواما حملي کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انساني حقن جي ڀڃڪڙين کان يورپي يونين جي وفد کي آگاهه ڪيو، پاڪستان ڀارت سان ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ نه رڳو قدم کنيا پر ذميواري ۽ صبر جو مظاهرو به ڪيو، جڏهن ته پاڪ ڀارت جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي،  ڀارت سان سمورا تڪراري معاملي رڳو ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهن ٿا. يورپي يونين جي خاص نمائندي فيڊريڪا موگيريني چيو ته پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار تي اتفاق ٿيو آهي، اسان پاڪستان جي اوليتن کي قدر جي نظر سان ڏسون ٿا،  غربت جي خاتمي ۽ ٻين حڪومتي اوليتن ۾ سهڪار ڪنداسين، پاڪستان جي يورپي مارڪيٽن ۾ هر ممڪن پهچ ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۾ هاڪاري ڳالهيون ٿيون آهن.  هن چيو ته يورپي يونين انتها پسندي ۽ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي قدمن جي حمايت ڪري ٿو،  پاڪستان علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ دهشتگردي خلاف قدم کنيا آهن، ڀارت سان ڇڪتاڻ جي صورتحال ۾ پاڪستان جو ڪردار قابل تعريف آهي. سندس چوڻ هو ته اسلامو فوبيا سميت ڪنهن به مذهب تي حملو برداشت نه ڪنداسين، نيوزيلينڊ واقعي بعد وزيراعظم جا قدم ساراهه جوڳا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *