سکر (بيورو) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته ٽرين مارچ روهڙي کان شروع ٿيندو ۽ راولپنڊي تائين ويندو، حڪومت کي مهانگائي جي خاتمي ۽ هڪ ڪروڙ ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ وارو واعدو پرو ڪرڻ تي مجبور ڪنداسين، اڄ هر ٻار هڪ لک 80 هزار رپين جو قرضي آهي. تفصيل موجب پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فواد چوڌري اهڙي شخص جو نالو آهي جنهن جو ذڪر ڪتابن آهي، اسان جي حڪومت هئي ته گوڏن تي هٿ رکي ملندو هو، مان هر شخص جي عزت ڪندو آهيان، مان هن رياست انچ انچ جو ذميوار آهيان، قبضا مافيا سان به وڙهندو آهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته هتي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ٻين جي زبان ڳالهائيندا آهن، سياستدان عوام سان واعدا ڪندا آهن پوءِ ڦري ويندا آهن. پ پ اڳواڻ چيو ته اڄ ملڪ جو هر ٻار هڪ لک 80 هزار رپين جو قرضي آهي. دعوائون ڪندا هئا ته نواز شريف مهانگائي ڪري ڇڏي، دعويٰ ڪئي وئي ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏينداسين، اسان 60 لک بيواهه عورتن کي بي آءِ ايس پي ذريعي سپورٽ ڪيو. سندس چوڻ هو ته ٽرين مارچ روهڙي کان شروع ٿيندو ۽ راولپنڊي تائين ويندو، حڪومت کي مهانگائي جي خاتمي ۽ هڪ ڪروڙ ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ وارو واعدو پورو ڪرڻ تي مجبور ڪنداسين. خورشيد شاهه 2010ع ۾ سڄو ملڪ پاڻي پاڻي ٿي ويو اسان گهر ڏنا، ڪي پي کي اسان صوبو بڻايو، اسان 18 هين ترميم ڪئي، اسان ڪو به صورت ۾ ڪرپشن برداشت نه ڪنداسين. پ پ اڳواڻ چيو ته لوڊ شيڊنگ ختم ناهي ٿي رهي، بل وڌي رهيا آهن، نوجوانن کي روزگار جو ڌوڪو ڏنو ويو، ايم ايس سي جو ٻار موٽ آيو بيوس هو، حڪومت جو سهڪار عوام سان گڏ هئڻ گهرجي، 60 سيڪڙومشرف جا ساٿي حڪومت ۾ شامل آهن.