اسلام آباد ( بيورو ) ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد چيو آهي ته اسلام سان نفرت جو مقابلو طاقت نه پر محبت سان ڪرڻو پوندو. اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مهاتير محمد چيو ته پاڪستان اچڻ تي خوش آهيان ۽ ان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته عمران خان سان معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ سڌو پرڏيهي سيڙپڪاري تي ڳالهيون ٿيون آهن، ڏسڻو پوندو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کان ڇا خريد ۽ وڪرو ڪري سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته دوري سان هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ملائيشيا جي وزيراعظم چيو ته عمران خان وانگر اسان کي به
ڪرپشن تي ڳڻتي آهي، اسلامي ملڪ غريب نه آهن پر ڪرپشن سبب غريب ٿي ويندا آهن، تنهن ڪري ملائيشيا ۾ به ڪرپشن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهيون، ٻنهي ملڪن ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڄاڻ جي مٽا سٽا ٿي سگهي ٿي، ٻين ملڪن سان لاڳاپن کي به هٿي ڏيڻي پوندي، اڄ هڪ مسلمان ملڪ به ترقي ڪندڙ ناهي. مهاتير محمد چيو ته ڪرائسٽ چرچ واقعو مسلمانن سان نفرت، خوف ۽ دشمني سبب پيش آيو، ميڊيا ۽ ڪجهه ماڻهن مسلمانن بابت نفرت پکيڙي پر انتقام ۽ ويڙهه سان نفرت جو مقابلو نه ڪرڻو پوندو پر ماڻهن جون دليون ۽ دماغ کٽڻا پوندا، اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نوان طريقا ڳولڻا پوندا.