نيوزيلينڊ جي حڪومت ۽ وزيراعظم جي جذبي جو قدر ڪريون ٿا: شهباز شريف

لاهور ( م ڊ ) قومي اسيمبلي  ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته نيوزيلينڊ جي حڪومت ۽ وزيراعظم جي جذبي جو قدر ڪريون ٿا،  جڏهن ته دنيا خاص طور يورپ ۽ آمريڪا کي نيوزيلينڊ جي پيروي ڪرڻ گهرجي. شهباز شريف نيوزيلينڊ جي وزيراعظم، حڪومت ۽ عوام کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته نيوزيلينڊ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آذان ۽ جمعي جو خطبو سرڪاري ٽي وي تي سڌو نشر ڪرڻ متاثر ڪندڙ جذبو آهي.  هن چيو ته اسان نيوزيلينڊ جي وزيراعظم، حڪومت ۽ عوام جي جذبي جو قدر ڪريون ٿا،  وزيراعظم جاسنڊا آرڊرن جو طرز عمل سموري دنيا لاءِ روشن مثال آهي، اهو رويو ۽ طرز عمل اختيار ڪري دنيا مان نفرتون پکيڙي سگهجن ٿيون، امن جو خواب تعبير ٿي سگهي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *