شريف ۽ زرداري خاندانن جو حال به مستقبل وانگر اونداهو آهي؛فواد چوڌري

جهلم ( م ڊ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت 40 سالن جي پاليسي تبديل ڪري شدت پسندي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو،  جڏهن ته شريف ۽ زرداري خاندانن جو حال به مستقبل وانگر اونداهو آهي. جهلم ۾ وڻڪاري مهم جي تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته ملڪ هڪ سڪيورٽي اسٽيٽ بڻجي ويو هو پر اسان چاليهن سالن جي پاليسي تبديل ڪئي ۽ شدت پسندي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو. هن چيو ته  پاڪستان جي ڌرتي تي ڪنهن کي حڪومت ۽ رياست جي مرضي کانسواءِ ڪنهن خلاف سازشون ڪرڻ ۽ نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. سندس چوڻ هو ته سياسي ۽ فوجي قيادت ۾ مڪمل طور اتفاق راءِ آهي ۽ هڪ رخ ۾ سوچي رهيا آهن، پاڪستان کي ماڊرن ملڪ طور اڳتي وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. فواد چوڌري چيو ته ماضي ۾ سمورو ملڪ هيٺ وڃي رهيو هو پر  2 خاندان مٿي پئي ويا، ٻنهي خاندانن جو پاڪستان جي سياسي مستقبل ۾ هاڻي ڪو به حصو ناهي، حال وانگر سندن مستقبل به اونداهو آهي. فواد چوڌري چيو ته  مريم بي بي سميت شريف خاندان کي ان ڳالهه تي ڪاوڙ آهي ته لنڊن ۾ سيل لڳل آهي پر هي ماڻهو ملڪ کان ٻاهر نه ٿا وڃي سگهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *