عمران خان، تحريڪ انصاف کي ڪٺپتلين جو عالمي ڏينهن مبارڪ هجي: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور (اين اين آءِ) پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي ڪٺپتلين جي عالمي ڏينهن تي مبارڪ ڏني آهي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽيوٽر تي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ حقيقت ۾ ڪٺپتلين جو عالمي ڏينهن آهي جيڪو وزيراعظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي مبارڪ هجي بلاول ڀٽو ٽيوٽر تي لٺ گولي جي سرڪار نه هلندي، جي هيش ٽيگ سان ٽيوٽ ڪندي چيو ته حڪومت اڃا تائين پابندي پيل جماعتن سان لاڳاپيل وزيرن کي ڪابينه مان ناهي هٽايو جڏهن ته پ پ پ جا جمهوري پرامن ۽ سياسي ڪارڪنن اڃا تائين بند آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *