اسلام آباد (بيورو) اپوزيشن پارٽين حڪومت طرفان نيشنل ايڪشن پلان تي پارلياماني اڳواڻن کي ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي طرفان پارلياماني جماعتن جي اڳواڻن کي خط لکيا ويا هئا، جن ۾ 28 مارچ تي شام 4 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ مشاورتي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي. اپوزيشن پارٽين حوڪمت طرفان گهرايل پارلياماني اڳواڻن جي مشاورتي ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پرڏيهي وزير کي جوابي خط ۾ اپوزيشن جي فيصلي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. اپوزيشن پرڏيهي وزير طرفان اڳواڻن کي لکيل خط تي به اعتراض ڪيو. شهباز شريف جوابي خط ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي قومي اسيمبلي ۾ بريفنگ ڏيڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته چونڊيل پارلياماني اڳواڻن بدران سمورن پارليامينٽ ميمبرن کي بريفنگ ڏني وڃي. خط جي متن موجب نيشنل ايڪشن پلان ن ليگ حڪومت جي ڪوششن جو نتيجو آهي، ن ليگ ملڪي سياسي قيادت کي دهشتگردي خلاف گڏيل جنگ لاءِ گڏ ڪيو ۽ گڏيل پارلياماني بحث کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان تي اتفاق راءِ حاصل ڪيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جي ڪاميابي پاڪستان جي پارلياماني روايتن ۽ جمهوري قدرن سان جڙيل آهي، گڏيل اپوزيشن پاليسي سازي ۾ گڏيل فيصلن تي يقين رکي ٿي.