نئين دهلي (م ڊ) ڀارت جي خاص عدالت سمجهوتا ايڪسپريس ڪيس جي فيصلي ۾ چئني جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو. خاص عدالت اڄ پنهنجي فيصلي ۾ ڪيس جي مرڪزي جوابدار ۽ انتهاپسند آءِ ايس ايس جي رڪن سوامي آسيم آنند عرف نبا ڪمار، ڪمال چوهاڻ، راجندر چوڌري ۽ لوڪيش شرما کي رها ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڀارت جي قومي جاچ ايجنسي جوابدارن خلاف الزام ثابت نه ڪري سگهي، جڏهن ته عدالت پاڪستاني عورت راحيلا جي ان ڪيس ۾ شاهد طور پيش ٿيڻ جي درخواست پڻ رد ڪري ڇڏي. هوڏانهن پاڪستان اهڙي فيصلي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ان سانحي ۾ 42 کان وڌيڪ پاڪستاني شهيد ٿيا هئا، انهن جي پونئيرن کي ڪهڙو جواب ڏنو وڃي. واضح رهي ته 18 فيبروري 2007 ۾ سمجهوتا ايڪسپريس جي هڪ بوگي ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 68 ڄڻا مارجي ويا هئا، جن ۾ وڏو انگ پاڪستانين جو هو. هريانا رياست جي ضلعي پاني پت ۾ ديوانا ريلوي اسٽيشن طرفان سمجهوتا ايڪسپريس جي بوگي ۾ ٿيم ڌماڪي بابت چيو ويو هو ته ٽرين ۾ هندو انتهاپسندن ڄاڻ واڻي باهه لڳائي. جون 2011 ۾ انويسٽيگيشن ايجنسي طرفان چارج شيٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ريل ۾ ڌماڪي جو مقصد پاڪستاني مسلمانن کي نشانو بڻائڻ هو.