اسلام آباد (بيورو) وفاقي ڪابينا وزارتن ۽ سينيئر اختيارين جي “انٽرٽيمنٽ اينڊ گفٽ” بجٽ ختم ڪرڻ جو بل منظور ڪري ورتو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 30 نقطن واري ايجنڊا تي غور ڪيو ويو ۽ ملڪ جي سياسي، سلامتي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته ڪابينا کي قومي زرعي ايمرجنسي پروگرام ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي به برفنگ ڏني وئي. ميڊيا رپورٽن موجب ڪابينا وزارتن ۽ سينيئر اختيارين جي “انٽرٽينمنٽ اينڊ گفٽ” بجٽ ختم ڪرڻ وارو بل منظور ڪري ورتو. ان کان علاوه ڪابينا فيڊرل بورڊ آف ريونيو ۾ سڌارن جو پلان به منظور ڪيو. وفاقي ڪابينا متروڪ وقف ملڪيتن بابت بورڊ تي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني ۽ فيصلو ڪيو ته اقليتي ميمبرن کي ٽاسڪ فورس ۾ شامل ڪيو ويندو. ذريعن موجب ڪابينا پبلڪ سيڪٽر انٽرپرائيزز جي سربراهن جي مقرري، خانگي ايئرلائنن ۽ چارٽرز جي لائيسنن ۾ واڌ سميت ڊيٽ پاليسي ڪوآرڊينيشن آفيس جي ڊائريڪٽر جنرل جي مقرري جي به منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن جي به منظوري ڏني آهي. ڪابينا نيوزيلينڊ جي مسجدن تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي ۽ دهشتگردي ۾ شهيد ٿيندڙن لاءِ دعا گھري وئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته دهشتگرد جو ڪو مذهب ناهي هوندو، ڏک ان گھڙيءَ ۾ شهيدن جي گھرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪريون ٿا.