آرمي چيف سان بحرين نيشنل گارڊن جي ڪمانڊر جي ملاقات، فوجي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

راولپنڊي ( م ڊ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان بحرين جي نيشنل گارڊزجي ڪمانڊر ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي پيشوارڻن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.  پاڪ فوج جي ترجمان موجب بحرين جي نيشنل گارڊز ي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي پيشيوارڻن معاملن ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ فوجي سهڪار وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.  مهمان جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه علائقائي امن ۽ خوشحالي ۾ پاڪستان هي هاڪاري ڪردار کي به ساراهيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *