ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪري اسان ۾ موجود دهشتگردن کي سڃاڻي انهن مان جند ڇڏرائڻ گهرجي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاهه چيو ته 70 هزار پاڪستاني دهشتگردي جو نشانو بڻيا آهن ان ڪري بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ۾ به نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. وڏي وزير چيو ته اسان جي وچ ۾ موجود دهشتگردن کي سڃاڻي انهن مان جند ڇڏرائڻ گهرجي. هن چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪري رهيو آهيان ته نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل طور عمل ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ صوبي ۾ دهشتگردي ڪنڌ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر دهشتگردن جو نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو هو ۽ هن صوبي ۾ دهشتگردي جي لاءِ معافي ناهي. هن چيو ته جيڪو شخص دهشتگرد ڪندو آهي ان جو ڪو به مذهب ناهي هوندو، نيوزلينڊ سميت ڪا به جاءِ محفوظ ناهي. مراد علي شاهه چيو ته نيوزي لينڊ پرامن ملڪ سڏرائيندو آهي اُتي مسلمانن کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته ڪالهه ڪراچي ۾ پاڪستان سپر ليگ جو فائنل ٿيو ان کان اڳ 7 ميچ رٿيا ويا، ڪالهه اسان جي لاءِ وڏو امتحان هو خاص طور تي اهڙي ماحول ۾ جڏهن اسان جا دشمن جنگ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پهرين 5 ميچن جي ڳالهه ڪئي وئي پوءِ 8 ميچون ڪرائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي ۽ اسان اِهو چيلينج قبول ڪيو اسان کي فخر آهي گذريل سال فائنل ڪراچي ۾ ٿيو ۽ هن سال به. هن چيو ته عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ سنڌ حڪومت ۽ هتي جي عوام جي ڪردار کي هميشه ياد رکيو ويندو. مراد علي شاهه چيو ته اُهي ماڻهو جيڪي سنڌ صوبي جي ترقي نٿا چاهن انهن جي ارادا ناڪام ٿيا هئا. هن چيو ته مون گذريل سال چيو هو ته وڌيڪ ميچون ڪرائينداسين ۽ هن سال اسان 8 ميچون ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پي ايس ايل جو فائنل کٽڻ تي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي مبارڪ ڏيون ٿا. مراد علي شاهه چيو ته پي ايس ايل جي انتظاميا به مبارڪ جي مستحق آهي، ڪراچي ۾ پي ايس ايل دوران ڪا به شڪايت نه ملي. هن چيو ته پاڪستان سپر ليگ جون ڪامياب ميچون سنڌ خاص ڪري ڪراچي جي ڪاميابي آهي. وڏي وزير چيو ته حقيقت ۾ امن کٽيو آهي، مسڪراهٽون کٽيون آهن، اتحاد کٽيو آهي ۽ ان کان وڏي ڳالهه ته پاڪستان کٽيو آهي. هن چيو ته انهن 8 ميچن دوران ڪراچي جي عوام ڀرپور سهڪار ڪيو جنهن جو مثال نٿو ملي. مراد علي شاهه چيو ته پي ايس ايل جي ڪاميابي سنڌ خاص ڪري ڪراچي جي ڪاميابي جي آهي ڪراچي جون روشنيون واپس موٽي رهيون آهن، اسان کي پراڻو ڪراچي ملي ويو آهي، سڄو پاڪستان جلد روشن ٿيندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ ٻئين فائنل جي بندوبست بعد چيو پيو وڃي ته سموريون ميچون پاڪستان ۾ ڪرائيون وينديون اِها سنڌ جي وڏي ڪاميابي آهي. مراد علي شاهه چيو ته اسان کي پراڻو ڪراچي ملي ويو، پراڻو پاڪستان به جلد ملي ويندو، جڏهن سڄي پاڪستان ۾ امن هوندو جڏهن ته اهڙيون حڪومتون ڏسنداسين جن کي ماڻهن جي تڪليف جو احساس هجي جيڪي اهڙيون ڳالهيون نه ڪن جو ماڻهن جو رڙيون نڪري وڃن.