ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڪرائسٽ چرچ جي مسجدن ۾ دهشتگردي بعد نيوزيلينڊ جي ڪابينا بندوق قانونن ۾ سڌارا ڪندي سخت قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا ايرڊرن پريس ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي چيو ته نيوزيلينڊ جي ڪابينا بندوق قانونن ۾ تبديلي جي اصول جو فيصلو ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ هو ته حملو ڪندڙ فوجي طرز جا هٿيار استعمال ڪيا جنهن کي خاص طور تي خطرناڪ حملن لاءِ ٺاهيو ويو آهي ۽ نيوزيلينڊ جي موجوده قانون تحت انهن جو استعمال جائز آهي. 15 مارچ تي پيش ايندڙ واقعي بعد بندوق جي قانونن ۾ سڌارن جو مطالبو ڪيو ويو هو جتي وزيراعظم جيسنڊرا ايرڊرن چيو ته هاڻي عمل جو وقت آهي، ترت اسان جا قانون تبديل ڪيا ويندا. جيتوڻيڪ پريس ڪانفرنس دوران هن ان ڳالهه جي وضاحت نه ڪئي ته ڪهڙي قسم جا سڌارا ڪيا ويندا پر هن ٻڌايو ته اها ڳالهه 25 مارچ تائين واضح ٿي ويندي. ايڊرن چيو ته حقيقت اها آهي ته جمعي کي منجهند جو هڪ وڳي کان پوءِ اسان جي دنيا مٽجي وئي هئي ۽ اوڙهيءَ ريت اسان جا قانون به مٽجي ويندا. سڌارن جو مطلب اهو هوندو ته ان بدترين واقعي جي 10 ڏينهن اندر ئي سڌارن جو اعلان ڪري ڇڏينداسين جنهن سان معاشرو محفوظ هوندو. ان پريس ڪانفرنس ۾ هن پنهنجي اتحادي پارٽنر ۽ نائب وزيراعظم ونسٽسن پيٽرز سان گڏ پيش ٿي جيڪو ماضي ۾ قانونن تبديل ڪرڻ جي مخالفت ڪندو رهيو آهي. ايرڊرن چيو ته اسان ڪابينا جي حيثيت طور هڪ فيصلو ڪيو آهي ۽ اسان سڀ هڪ آهيون.