روشنين واري شهر ۾ پي ايس ايل جو فائنل دنگل،اهم شخصيتون شريڪ،سيڪيورٽي الرٽ

ڪراچي ( م ڊ ) پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جو فائنل ڏسڻ لاءِ صدر پاڪستان عارف علوي سميت سياسي ۽ شوبز سان سلهاڙيل ناليواريون  شخصيتون  گرائونڊ ۾ موجود هونديون.  پي ايس ايل 4  جو آخري دنگل سنڌ جي دل ڪراچي جي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ ٿيو، جنهن ۾ صدر عارف علوي، آرمي چيف، گورنر ۽ وڏي وزير سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.  ڪرڪيٽ جي عالمي اداري ( آءِ سي سي ) جي چيف يگزيڪٽو ڊيوڊرچرڊسن ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين احسان ماني به پي ايس ايل فائنل ڏسڻ لاءِ  اسٽيڊيم ۾ موجود هئا، جڏهن ته اڳوڻن ڪرڪيٽرن جي اچڻ جا به امڪان آهن.  سياسي شخصيتن ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ريلوي وارو وزير شيخ رشيد به فائنل مقابلو گرائونڊ ۾ ويهي ڏٺو،  پي ايس ايل فائنل جي پڄاڻي واري تقريب ۾ 23 مارچ جو مڪمل ٿيم سانگ به پيش ڪيو ويو،  جنهن تي راڳي ساحر علي بگا پرفارم ڪندو، اداڪار فواد خان، آئمه بيگ، ذوهيب حسن ۽ ٻيا به پرفارم ڪندڙن ۾ شامل هوندا.  پشاور زلمي جي سفير ماهرا خان، گل پنڙا، مايا علي، ثناءَ جاويد، همايون سعيد ۽ شوبز جي ٻين شخصيتن جي شرڪت جا به امڪان آهن.  پي ايس ايل فائنل جي پڄاڻي واري تقريب شام ڇهين وڳي ٿيندي جڏهن ته رات اٺين وڳي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي پي ايس ايل فور جي ٽائيٽل لاءِ آخري ويڙهه وڙهندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *