پي ايس ايل فور جو ڪير ٿيندو فاتح؟ زلمي ۽ گليڊي ايٽرز وچ ۾ آخري دنگل

March 18, 2019 at 6:15 am

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان سپر ليگ جو چوٿون ايڊيشن پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچڻ وارو آهي ۽ اڄ ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ۽ پشاور زلمي جون ٽيمون ميدان تي لهنديون. پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن جا دلچسپ مقابلا پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچڻ وارا آهن. ليگ، پلي آف ۽ ايليمينيٽر مقابلن کانپوءِ اڄ ٽائيٽل جي فاتح جو فيصلو ٿيندو. فائنل ميچ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ شام ستين وڳي شروع ٿيندي، جتي پشاور زلمي ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جون ٽيمون آمهون سامهون  ٿينديون. ڪوئيٽا جي ٽيم سرفراز احمد، جڏهن ته پشاور جي ٽيم ڊيرن سيمي جي ڪپتانيءَ ۾ ميدان تي لهندي. پشاور زلمي پي ايس ايل 2 جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا جي ٽيم ٻه ڀيرا فائنل ۾ پهچڻ باوجود ٽرافي ناهي کٽي سگهي. ان حوالي سان ٽرافيءَ جي افتتاح وقت ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ هو ته ٽيون ڀيرو فائنل کيڏي رهيا آهيون ۽ هن ڀيري ڪاميابي لاءِ پراميد آهيون، شين واٽسن ميچ کٽرائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، آسٽريلوي آل رائونڊر ۽ عمر اڪمل اسان جا مرڪزي بيٽسمين هوندا، جڏهن ته احسان علي ۽ احمد شهزاد مان به اميدون آهن. پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي چيو ته اسان وٽ ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر حسن علي جي موجودگي ۽ ان سان گڏ وهاب رياض جو هجڻ بهترين آهي، مصباح الحق اسان جي ٽيم جي خوبصورتي آهي، زلمي ڪنهن هڪ رانديگر نه پر ٽيم جيان کيڏندي آهي، ٻيو ڀيرو ٽائيٽل کٽڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين، شوقينن کي اپيل ٿو ڪيان ته اسٽيڊيم ۾ پشاور زلمي جي جرسي پائي انٽري ڪن.

اي پيپر