باجوڙ(م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڏا وڏا چور ۽ ڌاڙيل خطري ۾ آهن پر هاڻ نه ڪا ڊيل ٿيندي نه ئي اين آر او ملندو.باجوڙ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت ۾ اليڪشن ٿيڻ تائين سڀني کي تيار رهڻو آهي، ٿي سگهي ٿو ايندڙ 30 ڏينهن ۾ اليڪشن جي ڪري ڀارت اسان جي خلاف ڪا ڪارروائي ڪري، ان لاءِ قوم ۽ هٿياربند فوج سان گڏوگڏ قبائلين کي به تيار رهڻو آهي، اسان جي بدقسمتي آهي ته هندوستان ۾ حڪمران پارٽي نفرتون ڦهلائي اليڪشن کٽڻ چاهي ٿي.عمران خان چيو ته پاڪستاني قوم جنگ نه امن چاهي ٿي پر اسان جي امن جي پاليسي کي ڪوبه ڪمزوري نه سمجهي، هندوستان کي چيو آهي ته جنگ بدران واپار ڪريو ۽ ڪشمير جو مسئلو ڳالهين سان حل ڪريو، مان ڪشميرين کي انهن جي آزادي جي جدوجهد ۽ دليري تي کين سلام پيش ڪريان ٿو، امن ۽ خوشحالي لاءِ مودي سان ڳالهين لاءِ تيار آهيان، افغانستان ۾ طالبان ۽ آمريڪا جون ڳالهيون جاري آهن جنهن سان اتي امن جي اميد آهي.عمران خان چيو ته ڪڏهن ڪنهن ڪرپٽ، عوام جو پئسو لٽيندڙ ۽ مني لانڊرنگ ڪندڙن سان ڊيل نه ڪندس، ملڪ ٻه اين آر او جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، مشرف هڪ اين آر او نواز شريف کي ڏنو ۽ ٻيو زرداري کي ڏنو، هاڻ جمهوريت کي ڪوبه خطرو ناهي پر وڏا وڏا ڌاڙيل ۽ ڦورو خطري ۾ آهن، قوم جو پئسو لٽينڊڙن سان ڪابه ڊيل نه ٿيندي، ڪنهن کي اين آر او نه ڏنو ويندو.