اسلام آباد(بيورو) آمريڪا، برطانيا سميت ڪيترن ئي پرڏيهين پاڪستاني شهريت حاصل ڪري ورتي. تفصيل موجب امن جي واپسي سان گڏوگڏ عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک ۾ بهتري آئي، گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل ڪجهه سالن دوران مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ 635 پرڏيهين پاڪستاني شهريت حاصل ڪئي. رپورٽ موجب 150 پرڏيهين شهريت حاصل ڪرڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪري رکي آهي جنهن تي اڃان فيصلو اچڻ باقي آهي. پاڪستاني شهريت وارن ۾ 461 ڀارتي، 43 افغاني، 22 سري لڪن شامل آهن ان کان سواءِ برطانيا جي 15 ۽ آمريڪا جي 10 شهرين به پاڪستاني شهريت حاصل ڪئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بنگلاديش سان تعلق رکندڙ 14 ۽ 12 فلپائني شهرين کان سواءِ ڪينيڊا، جاپان، مصر جي چار چار شهرين پاڪستاني شهريت حاصل ڪئي.