اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ ملازمت وارن هنڌن تي عورتن کي هراسان ڪرڻ بابت قانونن جي تشريح ڪيس جي ٻڌڻي ۾ اٽارني جنرل کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت جي مدد ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي. جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ عورتن کي هراسان ڪرڻ بابت قانونن جي تشريح ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته سروسز قانونن ۾ هراسان ڪرڻ جي حوالي سان ڪا شئي موجود ناهي. جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏنا ته ان قانون ۾ ڊوميسٽڪ ملازم شامل ناهن، جڏهن ته بين الاقوامي سطح تي گهرن ۾ ملازمت تي مقرر ماڻهن لاءِ هرسان ڪرڻ بابت قانون موجود آهن. هن چيو اسان کي ڏسڻو پوندو ته وفاقي قانون صوبن ۾ موجود وفاقي ادارن ۾ لاڳو ٿيندا يا نه. جسٽس عظمت سعيد کوسا پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اسان جو مقصد سمورن قانونن کي هم آهنگ بڻائڻ آهي ته جيئن متاثر ڌر جي داد رسي ٿي سگهي، پوءِ عدالت اٽارني جنرل کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت جي مدد ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي. عدالت هدايت جاري ڪئي ته اٽارني جنرل جي تجربن مان فائدو چاهيون ٿا، اهو معاملو صوبائي آهي يا وفاقي، وڪيل گڏجي ان جو حل ڪڍن. سپريم ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن ايڊووڪيٽ جنرلز کي تياري سان اچڻ جي هدايت به جاري ڪئي، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي پهرين اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.