آغا سراج دراني جي گرفتاري غير آئيني آهي، نيب چيئرمين پنهنجي آفيسرن جو احتساب ڪري: بلاول ڀٽو

ڪراچي(م ڊ)  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته اپوزيشن خلاف ڳالهائيندڙ وزيراعظم مودي ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف هڪ لفظ نه ٿا ڳالهائن جڏهن ته پابندي مڙهيل تنظيمن جا همدرد وفاقي ڪابينا ۾ موجود آهن.سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته مشرف جي جوڙيل اداري سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو، جنهن جي اسان مذمت ڪريون ٿا ۽ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر پيپلز پارٽي جو عهدو ناهي، آغا سراج دراني جي گرفتاري سنڌ اسيمبلي تي حملو آهي جڏهن ته کيس صرف الزام جي بنياد  تي کنيو ويو نيب وٽ سندس خلاف ڪوبه ثبوت ناهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آغا سراج جي گهر تي ڇاپو چادر ۽ چوديواري جي پامالي آهي اهو اسان برداشت نه ٿا ڪري سگهون ۽ گرفتاري کان فوري پوءِ گهر تي ڇاپو هڻڻ جو مطلب نيب وٽ ڪوبه ثبوت نه هو ۽ ان جي گهروارن کي يرغمال بڻائي بدتميزي ڪئي وئي جڏهن ته نيب چيئرمين ان واقعي  تي ڪوبه ايڪشن نه ورتو، نيب چيئرمين پنهنجي آفيسرن خلاف ايڪشن وٺي نه ته اسان ايڪشن وٺنداسين.پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته نيب کي پوليٽيڪل انجنيئرنگ لاءِ ٺاهيو ويو، جيڪڏهن ڪنهن فرشتي کي به نيب چيئرمين بڻائي ڇڏيو ته اهو سياسي انجنيئرنگ جو ڪم ڪندو جڏهن ته 6 مهينن کان اسان جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي، پوري قوم ڏٺو ته مون کي ڪيس ۾ گهليو پيو وڃي، عدالت پڇيو ڪنهن جي چوڻ تي منهنجو نالو جي آءِ ٽي ۾ وڌو ويو، ان جو جواب اڄ تائين نه مليو، چيف جسٽس چيو ته بلاول بيگناهه آهي ان جو نالو جي آءِ ٽي مان هٽايو وڃي، جعلي اڪائونٽس جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ کي شامل ڪري ان کي سياست جي ور چاڙهيو ويو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هر ڀيري اسان جو ٽرائل راولپنڊي ۾ ڪيو ويندو آهي ۽ اهو سڀ سياسي انجنيئرنگ لاءِ ڪيو ويو، پيپلز پارٽي نظرياتي پارٽي آهي، اسان 18 هين  ترميم، جمهوريت تي ڪابه سوديبازي نه ڪنداسين ۽ چيلينج ڪرينا ٿو ته سنڌ جي اسپتال ملڪ جي سڀ کان بهتر اسپتال آهي، اين آءِ سي وي ڊي دل جي مرض جي دنيا جي سڀ کان وڏي اسپتال آهي، اها سنڌ جي اسپتال آهي اسان اوهان کي پنهنجو حق کسڻ نه ڏينداسين، پنهنجي حق لاءِ اسان عدالت به وڃي رهيا آهيون ۽ مان عوام ۾ به وڃي رهيو آهيان.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *