دوحا: (م ڊ) قطر ۾ افغان طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جو پنجون دور پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، جنهن ۾ ڌرين وچ ۾ ٻن نقطن تي اتفاق ٿي ويو آهي.رپورٽن مطابق دوحا ۾ افغان طالبان طرفان مقرر ڪيل خاص نمائندن ۽ افغان معاملن بابت آمريڪا جي خاص نمائندي زلمي خليل زاد وچ ۾ ڳالهين جو پنجون دور ٿيو. ڌرين ڳالهين جي ڊگهي سيشن کانپوءِ افغانستان مان غيرملڪي فوجن جي واپسي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي ٻن نقطن تي اتفاق ڪري ورتو آهي. آمريڪا جي خاص نمائندي زلمي خليل زاد جو چوڻ آهي ته دوحا ۾ طالبان سان ڳالهين جو دورو مڪمل ٿيو، امن لاءِ شرطن ۾ بهتري آئي آهي ۽ هاڻي اهو واضح آهي ته ڌريون جنگ جو خاتمون چاهين ٿيون.سفارتي ذريعن مطابق مسودي تي ڌرين طرفان صحيحون ٿيل ناهن. ٻئي پاسي طالبان ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻئي ڌريون هاڻي پنهنجي پنهنجي قيادت کي آگاهه ڪري ايندڙ ملاقات جون تياريون ڪنديون.