پهريان انسان ٿي پوءِ سياستدان: بلاول ڀٽو زرداري جو فواد چوڌري کي جواب

لاهور ( م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نواز شريف سان جيل ۾ ملاقات تي يوٽرن جو طعنو ڏيندڙن کي جواب ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن نئين پاڪستان ۾ يوٽرن وٺڻ جو مطلب عظيم ليڊر بڻجڻ آهي ته پوءِ  ان حساب سان مان هن صديءَ جو عظيم ليڊر بڻجي ويس. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي ٻه ڏينهن اڳ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ڪوٽ لکپت جيل ۾ ملاقات ڪئي هئي جنهن تي فواد چوڌري چيو هو ته بلاول نواز شريف سان ملاقات ڪري هلندڙ صدي جو سڀ کان وڏو يوٽرن ورتو آهي.  بلاول ڀٽو نواز شريف سان ملڻ تي يوٽرن جو طعنو ڏيڻ تي فواد چوڌري کي جواب ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ته نئين پاڪستان ۾ يوٽرن وٺڻ جو مطلب عظيم ليڊر بڻجڻ آهي ته پوءِ اوهان جي چوڻ جو مطلب آهي ته مان يوٽرن وٺي هن صدي جو سڀ کان عظيم ليڊر بڻجي ويس. بلاول ڀٽو ٽوئيٽ ڪندي چيو ته پهريان انسان ٿيو پوءِ سياستدان، انسانيت سياست کان مٿانهين آهي، ڪنهن جي تيمارداري کي عيادت تائين ئي رکڻ گهرجي، ياد ناهي جڏهن عمران خان ڪريو هو ته نواز شريف سندس عيادت ڪئي هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *