اسان جي پاليسين جو محور غربت جو خاتمو آهي : عمران خان

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان وفاقي حڪومت جي سستي گهر منصوبي کي ملڪ ۾ غربت جي خاتمي جي منصوبي جو هڪ جُز قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جي پاليسين جو محور غربت جو خاتمو آهي ۽ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ شهرن کي وڌيڪ پکڙجڻ نه ڏينداسين. اسلام آباد ۾ اسٽيٽ بئنڪ طرفان گهٽ لاڳت ۾ گهرن جي اڏاوت لاءِ فنانس پاليسي جاري ڪرڻ لاءِ رٿيل تقريب ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان جي ڪوشش رهي آهي ته هيٺئين طبقي کي مٿي آڻڻ لاءِ پاليسي ٺاهيون، هيٺئين طبقي کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ چين جو مثال اسان جي سامهون آهي، ڇو ته انهن هڪ نظام تحت ملڪ مان غربت ختم ڪئي ۽ جڏهن اسان اتي وياسين ته انهن ٻڌايو ته اهو ڪم ڪيئن ڪيو اٿن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو هڪ وڏو طبقو پگهاردار آهي ۽ ان لاءِ پنهنجو ذاتي گهر ٺاهڻ ڏکيو آهي، اسان 5 سالن ۾ 50 لک گهر ٺاهڻ چاهيون ٿا ۽ اسٽيٽ بئنڪ گهٽ لاڳت ۾ گهرن جي اڏاوت لاءِ فنانس پاليسي جاري ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته سستي گهر جو منصوبو ذاتي گهر فراهم ڪرڻ کانسواءِ ٻين معاملن تي به غربت جي خاتمي ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ روزگار جا موقعا ملندا ته معيشت ۾ بهتري ايندي. عمران خان جو چوڻ هو ته ڪچين وسندين تي نجي شعبي ۾ ڊيولپرز کي ڪمرشل سيٽ اپ ڏنو وڃي ۽ ان ئي پئسي مان غريبن لاءِ فليٽ ٺاهي انهن کي سهولت ڏني وڃي. هن چيو ته اسان شهرن کي پکڙجڻ نه ڏينداسين، جنهن سان ماحوليات تي اثر پوندو ۽ وڻ پوکڻ جو منصوبو خراب ٿيندو، جڏهن ته ڪمرشل علائقن ۾ وڏيون عمارتون ٺاهڻ جي اجازت ڏينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *