پنوعاقل: خورشيد شاهه پاران اسپتال جو دورو، مريضن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا

پنو عاقل (رپورٽر) پني عاقل ۾ سيد خورشيد احمد شاھ  تعلقه اسپتال پهتو ته  25 ڊاڪٽرن مان صرف ھڪ ڊاڪٽر موجود هئا ، ايم ايس سميت 22 ڊاڪٽر غيرحاض هئا جڏهن ته مريضن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. خورشيد شاھه  اسپتال  پھتو ته رڳو  ھڪڙو ڊاڪٽر موجود ھو،جڏھن ته 24 ڊاڪٽر 10 وڳي تائين اسپتال نه پھتا، ايم ايس ڊاڪٽر اسماعيل عباسي خورشيد شاھه جي پھچڻ جي اطلاع کانپوءِ پھتو. ،جنھن بعد سيد خورشيد شاھه ڊي ايڇ او ھيلٿ آغا سمعي الله ۽ ڊي سي سکر سان گڏ اسپتال اسپتال جا سمورا وارڊ گهمي ڏٺا. ان وقت ھن ميڊيا سان ڳالھائيندي خورشيد شاهه  چيو ته اسپتال جي نئين بلڊنگ 13 ڪروڙ جي ٺھي آھي ۽ ھر مھيني 2 ڪروڙ جي دوا ملي ٿي،پوءِ به ھتان جي عوام کي ڪا به سھولت نه ھجي ته اھا ڊاڪٽرن جي نا اھلي آھي. ھن چيو ته مان ھر ھفتي پاڻ اسپتال بي ايڇ يو سينٽر ۽ تعليمي ادارن جو دورو ڪندس

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *