ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي بئڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوني صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي ضمانت ۾ 15 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته عدالت آصف زرداري جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جي نيب جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آصف زرداري جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ اهڙو ڪوئي حڪم ناهي ڏنو جو ڪيس ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪيو وڃي بئنڪنگ ڪورٽ تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي نيب پراسيڪيورٽر جوابدي دليلن ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي 16 ريفرنس بڻايا پيا وڃن تنهنڪري ڪيس منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي تفصيل موجب سومر تي ڪراچي جي بئڪنگ عدالت ۾ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته ڪچي ضمانت تي موجود آصف علي زرداري عدالت ۾ پيش نه ٿيو آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت سبب عدالت ۾ پيش نه ٿيو سندس وڪيل پاران درخواست داخل ڪئي ويئي جنهن کي منظور ڪيو ويو فاروق ايڇ نائڪ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مصروف آهي فريال ٽالپر، حسين لوائي تحيٰ رضا نمر مجيد، ذوالقرنين مجيد ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد کي سومر تي به پيش نه ڪيو ويو ملير جيل عملدارن انور مجيد جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ عدالت ۾ پيش ڪيو ملير جيل عملدارن مطابق ڪارڊيو اسپتال جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته انور مجيد بيمار آهي بيماري سبب ڊاڪٽرن انور مجيد کي سفر کان جهلي ڇڏيو آهي آصف علي زرداري پاران ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ تي اعتراض عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا آصف زرداري جي اعتراضن جي ڪاپي نيب پراسيڪيوٽر کي فراهم ڪئي ويئي. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ ڪيس منتقل ڪرڻ جي هدايت ناهي ڪئي ان حوالي سان نيب جي دعويٰ غلط آهي سپريم ڪورٽ پاران سموريون هدايتون جي آءِ ٽي رپورٽ جي حوالي سان ڏنيون ويون آهن نيب کي جاچ اڳتي وڌائڻ لاءِ چيو ويو هو وڌيڪ جاچ لاءِ ڏنل ٻن مهينن جو و قت به ختم ٿي ويو اهي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي آڙ ۾ بئنڪنگ ڪورٽ تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته هي ڪرپشن يا عوام سان فراڊ جو ڪيس نه آهي اهڙي طرح هي نيب جو ڪيس ٺهي ئي نٿو هن عدالت کي ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم ڪرڻ جو اختيار نه نيب جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته چيئرمين نيب ڪيس اسلام آباد منتقلي جي منظوري ڏيئي چڪو آهي، ڪيس سپريم ڪورٽ جي هدايت جي روشني ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي هن چيوت ه جوابدارن جي وڪيلن جا اعتراض اجايا آهن هن ڪيس جو نيب ريفرنسز سان خاص عدالت آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ فيصلي مطابق جوابدارن کي شوڪاز جي ضرورت نه آهي نيب جي وڪيل چيو ته چيئرمين نيب کي ڪيس منتقل ڪرڻ جو مڪمل اختيار آهي جوابدارن جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ دليل ڏيندي چيو ته نيب آرڊيننس جي سيڪشن 16 اي کي ڏسڻ جي ضرورت آهي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته ڪيس منتقل ڪرڻ جو اختيار ڪيس جي نوعيت سان ڳنڍيل آهي جيڪو کيس نيب جي دائري ۾ اچي ٿو اهي ئي منتقل ڪري سگهجي ٿو هسين لڳائي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڪيس هڪ کان ٻئي صوبي ۾ منتقل ڪرڻ جو اختيار رڳو سپريم ڪورٽ کي آهي ڪيس جو چالان فراڊ ۽ دوڪي ڏيڻ جي الزامن تحت جمع ڪرايو ويو آهي ڪيس منتقلي جي درخواست بدنيتي تي ٻڌل آيه فاروق ايڇ نائڪ چيو ته اعليٰ عدليه جي فيصلي موجب ڪيس ٻئي صوبي ۾ منتقل نٿو ڪري سگهجي نيب کي ڪيس منتقل ڪرڻ لاءِ پڪا ثبوت ڏيڻا هوندا آهن بئنڪنگ ڪورت ميگا مني لانڊرنگ ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو عدالت ريمارڪس ڏنا ته پهريان اختيار جو دائرو طئي ڪنداسين پوءِ ڪيس اڳتي وڌائينداسين عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ضمانت ۾ 15 مارچ تائين واڌ ڪندي ريمارڪس ڏنا ته پهريان اختيار طئي ڪنداسين پوءِ ڪيس اڳتي وڌائينداسين 15 مارچ تي ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو ٻڌايئنداسين ٻڌڻي جي موقعي تي گرفتار جوابدارن عبدالغني مجيد، حسين لوائي، طحيٰ رضا کي عدالت آندو ويو نمبر مجيد ذوالقرنين مجيد ۽ علي ڪمال مجيد به موجود هئا.